26 جمعرات , اپریل 2018

انور ابڙي کي جيئن مون ڏٺو……….

ادل سولنگي

انور پيرزادي ۽ محمد علي پٺاڻ جي سٿ جو ساٿاري، انور ابڙو، جديد سنڌي ادب ۽صحافت جو معتبر نالو ۽ حوالو آهي، جنهن پهرين جنوريءَ تي پنهنجو جنم ڏهاڙو ملهايو ۽ اسان سندس جنم ڏينهن تي کيس جنم ڏينهن ۽ نئين سال جون واڌايون ڏنيون ۽ سندس ڊگهي ڄمار جون دعائون گهريون،

انور منهنجي لاءِ  سدائين پيار ۽ احترام وارو نالو رهيو آهي، انور ابڙو لالي جا ڇاپڻ کان وٺي ڏوڪريءَ تائين، ڏوڪري کان ڄامشوري تائين ۽ ڄامشوري کان ڪراچيءَ تائين جيڪو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي سفر ڪيو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي انور جو پنهنجو ئي سفر رهيو آهي پر ان سفر ۾ انور پيرزادي جي رهنمائي ٻاجهه ۽ شفقت ساڻس گڏ رهي آهي. انور ابڙو  ئي خوابن جي ڪنهن شهزادي جهڙو ڳڀرو، تهڙو سندس، سڀاءُ، مزاج ۽ رويو رهيو آهي، ڳالهائڻ جو سيبتو، سچيتو پنهنجي سماجي وهنوار ۾ اعتبار جوڳو، سياسي حوالي سان آدرشي ۽ ڪميٽڊ، سنڌ دوست ۽ انسان دوست فڪر ڦهلائيندڙ، سهپ ۽ رواداري جو اهڃاڻ ۽ علام، ذهين، ڏاهو، دورانديش شخص جيڪو ”ابڙي وڏو وڙي“ جي روايتن جو پاسدار ۽ امين رهيو آهي، منهنجي انور ابڙي سان تڏهن سڃاڻپ ٿي هئي، جڏهن اسان تتل سج کي گهورڻ شروع ڪيو هو. سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جون گڏجاڻيون اسان جي گڏجڻ جو سبب ۽ وسيلو رهيون آهن، سنگت ۾ ايندي ويندي سنگتي ٿياسين، ايترا گهاٽا ۽ ويجها جو اڄ نه رڳو اسان هڪ ٻئي جا دوست آهيون پر هڪ ٻئي جا ڄاڃي ۽ ڪانڌي به آهيون.اسان جا انفرادي درد اجتماعي درد جو روپ ڌاري چڪا آهن، اسان ڌرتيءَ درد جي ناتي اڃا به هڪ ٻئي کي ويجهو ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ جو ڌرتيءَ جو درد اسان جو گڏيل قومي درد آهي، ”وطن جون ويڙهاڪ روايتون“ اسان جو مقدر بڻجي ويون آهن ۽ اسان پنهنجي مٿان مڙهيل ويڙهه پنهنجي طريقي سان وڙهي رهيا آهيون. ادب ۽ صحافت جي مورچي ۾ ويهي وطن جي ويڙهه وڙهندڙ انور ابڙو اسان جي نسل جو ساٿاري آهي ته سونهون به آهي، جنهن پنهنجي تخليقي ڏانءَ سان ڪيترائي مورچا سر ڪري ورتا آهن. انور ابڙو گهڻ پڙهيو ۽ گهڻو لکندڙ پنهنجي زماني جو سجاڳ ذهن رکندڙ ليکڪ آهي، هن جون لکڻيون نيون نڪوريون آهن ۽ هن جون پنهنجون آهن، هن ٻين جا ڪتاب پڙهي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو پنهنجو ئي لکيو آهي، جنهن تي انور ابڙي جي سڃاڻپ جي ڇاپ لڳل محسوس ٿئي ٿي.

هن جي لکڻين جو اسلوب موضوعن جي چونڊ ۽ نواڻ هن جي الڳ سڃاڻپ آهي، انور پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جون اجتماعي درد ڪٿائون به لکيون آهن ته پنهنجون  انفرادي پيڙائون به بيان ڪيون آهن. انور ابڙي وقت جي هر وار کي پنهنجي قلم جي ڍال سان هارايو آهي. هن وٽ ويڙهاند جو تصور جمالياتي آهي، جنهن ويڙهه ۾ ڪنهن جو رت نه ٿو وهي، هي لفظن جون مشعلون ياري اونداهين خلاف ويڙهاند ڪري ٿو، انور ابڙو علم ۽ شعور جي روشني ڦهلائيندڙ مستقبل جو سونهون بڻجي پنهنجي ڏات ڏيا سان سوجهرن جو سفير بڻجي سامهون اچي ٿو.

انور ابڙو سچ جو سنيهو ۽ نينهن جا نياپا ڏيندڙ تخليقڪار به آهي، جيڪو پنهنجي فڪري ڏات سان لفظن جي جسم ۾ روح ڦوڪي ٿو ۽ شاعري، ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، ڪالم، اسٽوريون لکي ڌرتيءَ جي چوڏسائن ۾ علم ۽ ادب جي نئين روشني جو زور سڃاڻي ٿو، انور ابڙو جيڪو اورنگزيب جهڙين ميرين اکين وارن حاڪمن جي اکين ۾دارا شڪوه ۽ سرمد وانگر اکيون وجهي گهوري ٿو. للڪاري ٿو ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي قلمي ويڙهه وڙهندو رهي ٿو، انور ابڙي جون لکڻيون جهرندڙ اميدن جي ڪوٽن جي نئين سر اڏاوت ڪري انهن کي ڀرڻ کان بچائي ٿيون. هو انساني اندر مان مايوسيءَ کي نيڪالي ڏيندي پنهنجو شعوري ڪردار ادا ڪري ٿو. انور ابڙي جون لکڻيون لوڪ جون ڪٿائون آهن ته ڌرتيءَ جي درد جا داستان پڻ آهن، هن جي لکڻين جي ڪنهن ڇيڙي تي اڀيچند به نظر اچي ٿو ته ڪنهن ڇيڙي تي سرمد به بيٺل آهي، منصور جو اناالحق به آهي ته سندس گوگول جي مرڪ به آهي. مير باگي جي سونيتيءَ جي سونهن به آهي ته ڦليلي جا وهڪرا به آهن،  جڏهن ته هن جي لکڻين ۾ ڪيئي تاريخي تمثيلون به ملن ٿيون، ”منهنجو چنڊ مارجي ويو“ انساني اندر جي اونهائين مان اٻڙڪا کائيندڙ درد جي ڪٿا ڪاري آهي. چنڊ جي مارجڻ جو ڏک پيڙا ۽ سج کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جون اذيتون سهندڙ، لوڪ جي ڪروڌ جي ڪٿا، لوڪ راڄ جي بحاليءَ جي اٿل ۽ اڇل جنهن کي لوڪ بغاوت جو نالو ڏنو ويو هو. انور ابڙوان  لوڪ بغاوت جو شاهد آهي، تاريخ جو پيري بڻجي هو تاريخ جا پيرا کڻندي، واقعن کي پيش ڪري ٿو. انور ابڙي نه رڳو دنيا جي انقلابن ۽ نظرين کي پڙهيو آهي پر انقلابي ۽ نظرياتي ويڙهاند ڪندڙ تحريڪن ۾ اهم ڪردار به ادا ڪيو آهي.

رسول حمزا توف وانگر انور وٽ پنهنجي ديس جون لازوال قومي روايتون آهن، هن وٽ سياست کان ادب ۽ ادب کان صحافت تائين جيڪو تجربو ۽ مشاهدو آهي اهو ڄڻ ته آوار ٻوليءَ جي ان داغستاني ليکڪ جهڙو آهي جنهن پنهنجي داغستان کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻائي دنيا ۾ داغستان جي نئين سڃاڻپ ڪرائي، اهڙي طرح انور ابڙو پڻ دنيا ۾ سنڌ جي نئين سڃاڻپ ڪرائيندڙ ڌرتي دوست ليکڪ رهيو آهي.

انور سنڌ جي ماڳن مڪانن کان ويندي سنڌ جي تاريخ ڪلچر جي پس منظر ۾ يادگار لکڻيون لکي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي. انور ابڙو اڻويهين صديءَ جي ڪنهن سال پهرين جنوريءَ جي ڏهاڙي تي لالي جا ڀاڻ ۾ چاچي علي گل ابڙي جي گهر ۾جنم ورتو، چاچو علي گل ابڙو منهنجي ڳوٺ محراب پور جي نالي واري يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو آهي. چاچي علي گل ابڙي جي هن سلڇڻي پٽ تي جڳ ريسون ڪندو آهي ته شال اسان جو اولاد به انور جهڙو ڪارائتو ڪردار نڀائيندڙ هجي. مون کي ياد آهي ته جڏهن ڏوڪريءَ ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ هو اسان جي ڳوٺ ۾ حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جي اوطاق ۾ چاچي علي گل سان گڏجي ايندو هو ته اوطاق ۾ ويٺل ماڻهو کيس حسرت مان ڏسندا هئا ۽ ڀوتار وري سندس خوبصورت اکرن مان متاثر ٿيندا هئا. هن وٽ اکر لکڻ جي فطري ترتيب آهي.ڏات ۽ ڏانءُ آهي، انور ابڙو تر جي زميندار گهراڻي جو فرد هوندي به ڪڏهن اهڙو ڏيکاءُ نه ڏنو آهي، خوش لباس، خوش گفتار، انور پنهنجي علمي ادبي وهنور ۾ انور پيرزادي جون سڪون لاهيندو آهي. هي آدرشوادي نوجوان ، گهٽ ڳالهائون، سنجيدو رهندڙ نهائت ئي نازڪ ، نفيس ۽ پراسرار شخصيت جو مالڪ دوست سان گڏ وڏا ٽهڪ ڏئي کلندڙ. مون سندس اهڙا ٽهڪ، سمنڊ ڪناري سئنڊس پٽ لياقت لائبريري جي لان ۽ پريس ڪلب ۾ شام غزل  ۾ شريڪ ٿيندي ٻڌا آهن، زندگيءَ کي ڀرپور نموني ماڻيندڙ انور جي اکين ۾ نه رڳو آئيندي جون رٿائون پلجن ٿيون پر هن جي مرڪ ۾ تنقيدي علم جو هڪ آبشار وهندي محسوس ٿيندو آهي.

سنڌ سجاڳ، روح رهاڻ، سارس کان سوڀ مئگزين ۽ ڪاوش دنيا تائين هن جو اهڙو تنقيدي سفر جاري رهيو آهي، انور ڊگهن داستانن کي مختصر ڪري جامع نموني پيش ڪرڻ جو ماهر آهي. هو اڄ جي زماني جو ذميوار ۽ سچيتو ايڊيٽر آهي. جيڪو ڳالهوڙي مان ڳالهه ڪندو آهي. ڳالهه مان ڳالهوڙو ناهي ڪندو.

سنڌي صحافت ۾ انور ابڙو، اعجاز منگي نثار کوکر، جامي چانڊيي، حسن درس جي جوڙ جو صحافي آهي پر ايڊيٽنگ ۾ هن جي مهارت جا سندس ايڊٽ ڪيل اهي رسالا ۽ مئگزين شاهدي ڏين ٿا جيڪي هن جي نظرداري هيٺ جاري ٿيا آهن.

انور سان منهنجي گهڻي ويجهڙائي رهي آهي، شانتي نگر کان چنيسر ڳوٺ تائين، نامڪو سينٽر کان عبدالله هارون روڊ تي روح رهاڻ جي آفيس تائين، رمپا پلازا کان لياري سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين تائين، يوني پلازا ۾ پڪار اخبار کان سنڌ مدرسي تائين، صائمه پلازا کان چڪرا ڳوٺ تائين، ڪڏهن روزانو، ڪڏهن هفتيوار ۽ وري ڪڏهن ماهوارگڏجاڻين، پروگرامن ۾ گڏياآهيون. ڪڏهن ڪنهن ڪاڄ ۾ ڪڏهن ڪنهن مرتئي جي تڏي تي گڏ ويٺا آهيون. ڪڏهن گڏ کليا آهيون ۽ ڪڏهن گڏ رنا به آهيون ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي کي پرچايو به آهي ته هڪ ٻئي کي آٿتون به ڏنيون آهن . زندگيءَ جا رڻ جهاڳيندي اڳتي ڪنهن چيٽ مند جهڙي خوبصورت منزل ڏانهن به وکون کنيون آهن. انور سان وقت جي گهڻي وڇوٽيءَ پڄاڻان جڏهن ملڻ ٿيندو آهي تڏهن اهو محسوس ئي ناهي ٿيندو ته ڪو اسان گهڻي وڇوٽيءَ کان پوءِ گڏيا آهيون. فون تي هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ ۽ گڏجڻ لاءِ وس پيا ڪبا پر ملڻ جي مند به پنهنجي هوندي آهي، جڏهن به اهڙي مند موٽندي آهي پاڻ ملي ويندا آهيون.

انور ابڙو ”خودڪشيءَ جو رومانس“، ”پهرين جنوري“، ”ڀڳل رانديڪو“، :عني ۽ مائو“، ”هڪ مهمان ڇوڪري“ ۽ ”قلم جا وارث“ تائين تخليقي ۽ تنقيدي پنڌ ڪيو آهي. هن جون خانه بدوش اکيون مسلسل  جاڳندڙ ڳولا ڪنديون رهنديون آهن، اهڙن منظرن، اهڙن موضوعن اهڙن، ڪردارن، اهڙن احساسن، دردن ۽ پيڙائن کي جن کي تخليقي طور تي نئين رنگ ڍنگ سان ٻين کي ڏيکاري سگهجي محسوس ڪرائي سگهبي، جنهن ڪرت ۾ هن خوب نڀايو آهي، هن جي لکڻين ۾ سماجي اٿل پٿل، اجتماعي درد ۽ پيڙائن جي ڪڙاڪاري، سياسي شعور، تخليقي توڙي تنقيدي نواڻ محسوس ٿيندي آهي.جيڪا نه رڳو  هن  انفرادي پيڙا آهي پر اها ته اجتماعي ڀوڳنا به آهي، جيڪا هن جي ميرٽ آهي ۽ جديد سنڌي ادب جي نئين روايت آهي، جنهن کي مسلسل جاري رکڻ جي انور ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، انور ابڙو ايڪويهين صديءَ جي ليکڪن ۾ سنڌي ادب جو نهايت ئي ذميوار ۽ سگهارو نالو ۽ حوالو بڻجي سامهون آيو آهي، جنهن جي ڪٿ پرک ڪندي علمي ۽ ادبي ادارن سندس مڃتا ۾ کيس ايوارڊ به ڏنا آهن ته لفظن جون ڪيئي ڀيٽائون به ڏنيون آهن. انور ابڙي جو نه رڳو اهو ادبي ڪم آهي جيڪو اڄ  اسان سامهون آيو آهي پر ان کان ٻيڻيون ٽيڻيون ڪم پوئتي رهيل آهي، جيڪو به جلد سامهون ايندو، هن جيڪو مختلف ادبي ادارن جو ادبي تخليقي ڪم ڪيو آهي، اهو الڳ آهي، ٽي وي لاءِ سندس ڪيل ڪم ڌار آهي، سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن جا يادگار انٽرويو ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي نبيري لاءِ لکيل ڪالم، ٻاراڻي ادب لاءِ سندس ڪيل پورهيو نهايت ئي اهم آهي، انور ابڙو، جنهن ادبي دنيا ۾ نوان لاڙا آندا آهن جنهن سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کي پنهنجي لکت ۾ نئين سر ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي.

انور ابڙو سنڌ جي نامياري ٽه مورتيءَ جي هڪ مورت آهي. جمال ابڙو، بدر ابرو ۽ انور ابڙو، اهي ادبي ٽه مورتيءَ جا اهم ڪردار آهن، جيڪي گڏجي جديد سنڌي ادب کي مٿاهين پڌ تي بيهارين ٿا. انور ابڙو زرعي سماج کان صنعتي سماج ڏانهن جيڪو شعوري سفر ڪيو آهي اهو پنهنجي ايندڙ نسل کي اڳتي وڌڻ جو نئون اتساهه ۽ ويساهه ڏياري ٿو ته زندگي اڳتي وڌڻ جو نالو آهي. جاگيرداري سماج ۾ دشمني کان ڪوهين ڏور رهي، هن رڳو دوستيون ئي پاليون آهن ۽ جنهن کي نڀايو آهي، انور جي اکين ۾ رڳو سندس جيون ساٿياڻي، امبر، پٽن حنيف ۽ غريب جي مستقبل جا خواب ناهن پر هن جي اکين ۾ سنڌ جي اجتماعي حقن ۽ مفادن جي حاصلات جو اونو ۽ خواب به آهن ۽ سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ۽ رٿائون آهن. انهن جي حاصلات لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري علمي، ادبي پورهيو ڪيو آهي ڇاڪاڻ جو ڇاڪاڻ جو پورهيو هن جي سرشت ۾ شامل رهيو آهي.

انور ابڙو پنهنجي تخليقي ڪرت ۽ سماجي وهنوار ۾ ”لڪا ڀن لوڪ ۾“ جو  استعارو آهي، جيڪو پنهنجي ليکي پنهنجي منهن، شانتيءَ سان ڪنڊائتو ويهي ڪنهن اهم تخليقي ڪرت ۾ رڌل رهيو آهي، هن کي ڪجهه ڪرڻ جي نه پر گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي جستجو به آهي، ولوڙ به آهي، پهرين جنوري هن پنهنجو جنم ڏينهن ملهايو ، اسان کيس واڌايون ڏنيون ۽ سندس ادبي ڪتابن کي پڙهيو ۽ سکيو ته پيار ۽ محبت، احترام، مهذپڻو، ماڻهپو، انسان دوستي ۽ وطن دوستي جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا هوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے