25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

حڪومت جي معاشي پاليسي ۽ عوام مٿان ڪريل پئٽرول بم

امير ڀنڀرو

وفاقي سرڪار جي عوامي ۽ جمهوري هجڻ جي دعوائن جا پول پڌرا ڪندڙ هڪ ٻيو فيصلو غريب عوام جي جيئڻ جا سڀئي دڳ بند ڪرڻ لاءِ سامهون آيو آهي، جنهن فيصلي موجب وفاقي سرڪار  گذريل سال 2017ع  ۾ ڏهون ڀيرو پئٽرول جا اگهه وڌائيندي اها دعويٰ ڪئي آهي ته اها جمهوريت پسند ۽ عوام دوست آهي، جن جو هر فيصلو عوامي ۽ جمهوري هوندو آهي، وفاقي سرڪار جيڪڏهن پئٽروليم جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اها دعويٰ نه ڪري ها ته اها جمهوريت پسند آهي ته پوءِ به ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته هاڻي هو جمهوريت پسند هجڻ واري دعوائن مان هٿ ڪڍي ويا آهن ۽ هاڻي هو سرمائيدار ۽ جاگيردار وڃي بچا آهن،  جيڪي صرف ۽ صرف اهڙا فيصلا، اهڙيون ڪوششون ۽ اهڙا عمل ڪن ٿا، جن سان ڏينهون ڏينهن عوام جي جيئڻ جا رستا بند ٿيندا پيا وڃن ٿا پر جمهوريت جو نالو ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪرڻ،  جمهوريت جو نالو ڏئي ڪرپشن جي آزادي ماڻڻ، جمهوريت جو نالو ڏئي اقتدار تي قبصي واري  30 سالن کان هلندڙ سياسي روايت کي هاڻي عوام سمجهي چڪو آهي ته اها جمهوريت جنهن ۾ عوام جو تحفظ هوندوهو، جنهن ۾  عوام آزاد ۽ اظهار جي آزادي هوندي هئي ، جنهن جمهوريت ۾ عوام مهانگائي، قرضن ۽ ملڪي قرضن کان محفوظ هوندو، اها جمهوريت هاڻي اسان جي ملڪ ۾ هڪ خواب بڻجي چڪي آهي، هاڻي صرف ۽ صرف  ڪرپشن ڪري جمهوريت ۾ لڪڻ جو نالو جمهوريت آهي، هاڻي آمريت وارا عوام مٿان فيصلا مڙهي جمهوريت جي دعويٰ ڪرڻ کي جمهوريت چيو وڃي ٿو، هاڻي  اقتدار تي ويهي آمريت کان به بدتر فيصلا ڪري ملڪ کي مهانگائي قرضن جا تحفا ڏئي ملڪ کي هر حوالي سان ڪنگال ڪرڻ کي جمهوريت چيو وڃي ٿو، اڃا به اڳتي جڏهن اسان ملڪي سياست ۾ جڏهن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڪنهن سياسي يا حڪمران قوت کي پڪڙ يا قانون جي پهچ جو خوف ٿئي ٿو ته هو هڪدم جمهوريت پسند ٿي انهي ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،

اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت پويان ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن اسان اڳتي نه صرف نواز ليگ سرڪار جي ساڍا چار سال دور حڪومت جو جائزو وٺون ته اسان کي جمهوريت جي نالي تي ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو پورو چهرو سامهون نظر اچي ويندو، نواز حڪومت جا پورا ساڍا چار سال ڪرپشن جو ڪاروبار عروج تي رهيو، هر وزير کان ڪامورن تائين عملدار  پيرن کان وٺي وارن تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل رهيا، نواز ليگ وزيرن جي ڪرپشن جي رڪارڊ سبب اسان جو ملڪ پوري دنيا ۾ بدنام رهيو، نواز ليگ سرڪار پرڏيهي قرضن ۾ رڪارڊ قائم ڪيو، جنهن سبب پوري ملڪ جو عوام قرضن ۾ وڪوڙجي ويو، انهي صورتحال مان آمريڪي ڊالر جي اڏام سامهون آئي، جنهن سبب پوري ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان عوام ڏانهن رک ڪيو، حيرت جي ڳالهه آهي ته نواز سرڪار اهڙن ڪارنامن سبب به هو خاموش ناهن ويٺا، اڃا به جمهوريت جي نالي تي ويندي ويندي سال 2017ع جي آخر ۽ سال 2018ع جو پهريون تحفو ڏئي پوري ملڪ جي عوام کي مهانگائيءَ جي باهه ۾ ساڙي ويا، جيڪا باهه خبر نه آهي اڃا ڪيترا وجود ساڙي پوءِ ماٺ ۾ ايندي.

وفاقي سرڪار رڳو پوئين ڇهن مهينن ۾ 6 ڀيرا پئٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ڪئي، انهن ڇهن مهينن ۾ وفاقي سرڪار پئٽروليم جي اگهن ۾ 20.32 رپيا تاريخ جي وڏي ۾ وڏي واڌ ڪئي گذريل ڇهن مهينن ۾ پئٽرول 10.23 رپيا جڏهن ته گاسليٽ 20.32 رپيا ۽ لواسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 14.37 رپيا واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ايل پي جيءَ جي قيمتن ۾ 30 کان 50 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي ، تازو وفاقي سرڪار پاران عوام کي نئين سال جو مهانگائي وارو تحفو هن ريت ڏنو ويو آهي، جنهن تحت پئٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 6 پئسا، گاسليٽ جي اگهه ۾ 13 رپيا 58 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 83 پئسا ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 12 رپيا 49 پئسا جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هاڻي پهرين جنوري 2018ع کان  پئٽرول جو نئون اگهه 81 رپيا 53 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 96 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 89 رپيا 91 پئسا ٿي ويو آهي، لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 6 رپيا 25 پئسن جي اضافي سان 58 رپيا 37 پئسا ٿي وئي اهي، جڏهن ته گاسليٽ جو اگهه 6 رپيا 79 پئسن جي واڌ سان 64 رپيا 30 پئسا ٿي ويو آهي، ملڪ  ۾ پئٽروليم جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پوري ملڪ جي ٽراسپورٽرن ڪرائي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عام واهپي جي شين کنڊ، گيهه ، اٽو، چانور، داليون، ٻارڙن جي کير کان وٺي، گهر جي هر استعمال جي شين جي قيمتن ۾ حيرت ڪندڙ واڌ ٿي آهي، اهڙي صورتحال ۾ هن ملڪ جو 20 ڪروڙ عوام هن ملڪ ۾ هلندڙ جمهريت جي سهاري ڪئين جيئندو، جنهن جمهوريت غريب عوام جي جيئڻ جا سڀ  رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن، نواز ليگ حڪومت پنهجا ناجائز ڪاروبار وڌائڻ لاءِ جيڪي مهانگائي جا طوفان آڻي پئي انهي مان ثابت ٿئي پيو ته هو جمهوريت پسند نه پر عوام دشمن آهن، جن پنهنجي محلاتن مان شاهي حڪم هلائي  جهوپڙين ۾ رهندڙ عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي.

پئٽروليم جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ مان صرف هڪ مهيني اندر 300 ارب رپيا ڪمائي ورتا آهن، جيڪي 300 ارب ملڪ جي انهيءَ غريب عوام جي رت جي پورهئي مان وصول ڪيا ويا آهن، جيڪي روز ڪمائي روز کائيندا آهن، دنيا ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪا اهڙي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي آهي، خاص ڪري پئٽروليم جي اگهن ۾ ته انهيءَ تي اتان جون حڪومتون عوام کي سبسڊي ڏينديون آهن، هي اسان جو واحد ملڪ آهي، جنهن ملڪ جا حڪمران هٿان عوام مان ڪمائي پنهنجي محلن جا خرچ پورا ڪن ٿا، پئٽروليم جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پوري ملڪ جون سياسي قوتون، سياسي پارٽيون، خاص ڪري قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اپوزيشن ليڊز روڊن تي ڌرڻا هڻي ويهي رهن ها، ڇو جو پئٽروليم جي اگهن  ۾ واڌ وارو فيصلو سراسر عوام سان نا انصافي آهي، جنهن جو غريب عوام جي زندگيءَ تي تمام خطرناڪ اثر پوندو پر اسان جي ملڪ ۾ حڪومت سان گڏوگڏ اپوزيشن قوتون ۽ سياسي پارٽيون انهيءَ معاملي ۾ ڪڏهن به نه اڳتي آيون آهن، جنهن مان هميشا اهو ثابت ٿيندو آهي ته هو پئٽروليم جي اگهن واري معاملي ۾ حڪومت سان گڏ آهن، اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به ڪنهن سياسي شخصيتن خاص ڪري سياسي پارٽين جي ليڊرن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته هو هڪدم روڊن تي اچي وڃن ٿا پر جڏهن ڪو پورو ملڪ جي عوام جي جيئڻ جو مسئلو سامهون اچي ٿو ته اهي حڪمرانن جيان محلاتن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، افسوس جنهن ملڪ جا حڪمران پنهنجي ناجائز منافعي لاءِ پوري ملڪ جي هڪ هڪ فرد مٿان مهانگائيءَ جو بم اڇلائن ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وري اپوزيشن جماعتون صرف انهيءَ صورتحال کي ڏسندي رهجي وڃن ۽ هو انهي عوامي معاملي ۾ مفاهمت جو رستو اختيار ڪن ته اهڙي صورتحال ۾ عوام جي جيئڻ جو ڪهڙو رستو بچي ٿو، جنهن رستي مان عوام جي بچڻ جو ڪو حل نڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے