25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آمرڪي صدر ٽرمپ جا بيان ۽ پرڏيهي پاليسي

مسلم ميراڻي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان وري پاڪستان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران پاڪستان کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي آهي ۽ ان جي بدلي ۾پاڪستان آمريڪا کي ڪوڙ ۽ دوکو ڏنو آهي. آمريڪي صدر جي بيان  جي جواب ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۾ ناڪامي جي ڪري اهڙا بيان ڏئي رهيوآهي. آمريڪي صدر جي بيان تي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس سخت احتجاج ڪندي آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪندي وضاحت طلب ڪئي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ اهڙا سرد گرم موسم هلندا رهيا آهن دفاعي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي افغانستان ۾ گهڻو ئي جاني ۽ مالي نقصان رسي رهيو آهي ۽ افغانستان ۾ طالبان کي هارائڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي ان ڪري آمريڪا پهنجي ڪمزورين ۽ شڪت کي لڪائڻ جي لاءِ پاڪستان تي الزام هڻندو رهيو آهي پر پاڪستان جي مدد کانسواءَ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي افغانستان ۾ امن قائم نه ڪري سگهندا. ان ڪري اهي الزام هڻي پاڪستان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته جڏهن کان وٺي ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جو اميدوار ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ان جا بيان جنونيت پسند ۽ فساد پسند رهيا آهن انهن جي بيانن ۽ اعلانن کانپوءِ دنيا ۾ فساد پکڙيو آهي. جيئن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيت المقدس کي اسرائيل جو گاديءَ وارو هنڌ طور تسليم ڪرڻ جي اعلان ڪيوِ مسلمان ملڪن سميت پوري دنيا ۾ ان اعلان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي گڏيل قومن ۾ ان فيصلي جي خلاف ٺهراءُ پاس ٿيڻ کانپوءِ به آمريڪي صدر  پهنجي فيصلي تي قائم ءِ دائم  آهي ۽  الٽو آمريڪا گڏيل قومن کي پهنجي امداد گهٽائن واري اعلان کانپوءِ حيران و پريشان ڪري ڇڏيوآهي.  ڪجهه تجزيا ڪران جو خيال آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا مسلمانن ملڪن جي خلاف اهي بيان تهذيبن جي ٽڪراءَ واري پراڻي رد ٿيل نظرئي کي ٻيهر زندا ڪرڻ جي ڪوشش جي برابر آهي ۽ جيڪو پڻ پوري عالم جي  لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته ماضيءَ ۾ به صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙا فساد وارا بيان ڏيندو رهيو آهي ۽ بعد ۾ معافي وٺي  بيان واپس وٺندو رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته جيئن ئي صدر ڊونلڊ ٽرپ جي آمريڪي صدر جي ڪرسي تي ويهڻ شرط ئي پوري دنيا ۾ فتني ۽ فسادن جي لهر شروع ٿي وئي آهي. خاص طور تي مسلمان ملڪن کي ايئين لڳي رهيو آهي ڃڻ 21 صديءَ دجال دنيا ۾ پهچي ويو عالمي تجزئي نگارن ڪارن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرپ جي فيصلن جي ڪري  پوري عالم ۾ مذهبي انتهاپسندي ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جي ڪري آمريڪا جي اثر و رسوخ ۾ پڻ گھٽتائي اچي سگهي ٿي. جيئن صدر ٽرپ جي غلط فيصلن کي پوري دنيا سميت آمريڪي عوام رد ڪيو ۽ هاڻي به ساڳئي طريقي سان صدر ٽرپ جي فسادي فيصلن کي آمريڪا عوام سان گڏ پوري دنيا ۾ رد ڪيو ويندو. جيڪڏهن آمريڪا جي روائتي پاليسيءَ تي نظر وڌي وڃي ته آمريڪا عراق، افغانستان ۾ فوجي اثر رکڻ ۽ چين سان روڪ ٽوڪ ڪرڻ ۽ روس کي مشغول رکڻ واري پاليسي کي جاري رکيون آيو آهي. هميشه آمريڪا جي نظر دنيا جي پيداوار تي رهي آهي. فساد ۽ نفرتن سان گڏ وچ اوڀر جي مسلمان ملڪن ۾ جنونيت جي تاريخ لکڻ جو شوق آمريڪا جو هميشه کان وٺي رهيو آهي.

اوڀر جي وچين رياستن جي حالتن تي نظر وجهي وڃي ته عراق ۽ شام ۾ داعش ۽ آمريڪا جو غلبو جاري رهندو. شام جي صورتحال مان لڳي ٿو ته صدر ٽرپ صدر اوباما واري حڪمت عملي هلائيندو۽ پنهنجا فوجي ميدان ۾نه لاهيندو ۽ اڳتي وڌنڌورهندو ۽ فلسطينن جي خلاف اسرائيل جي جنونيت وڌنڌي ويندي ۽ ويچارا فلسطيني وڌيڪ ظلم ۽ ستم جو شڪار ٿيندا رهندا. باقي روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ حڪمت عمليءَ ۾تبديلي اچڻ جو گھڻو امڪان آهي ۽ لڳي ٿو ته اها بزنس ڊيل ضرور ٿيندي. پر آرٽڪ ڊائون جي مالڪي تي جھيڙو پڻ ٿي سگھي ٿي. اهو چئي سگھجي ٿو ته روسي صدر پوٽن ۽ آمريڪي صدر ٽرپ جي وچ ۾ هني مون گھڻو عرصو نه هلي سگھندو۽ نئون تڪرار شروع ٿيندو

يورپ سان لاڳاپن جي حوالي سان به صدر ٽرپ جي حڪمت عمليءَ ۾ تبديلي ايندي. ڇو جو صدر ٽرپ کي يورپين حڪمران ۽ ماڻهون سٺي نظر سان نه ڏسي رهيا آهن.

ٻئي طرف پوئين سال ۾ 28 نيٽو ملڪن ۾ رڳو5 ملڪن پنهنجي (جي اين پيءَ) جو 2 سيڪڙو  بچاءُ جي لاءِ ڏنو آهي. باقي 73 سيڪڙو خرچ آمريڪا برداشت ڪري رهيو آهي. ان جي ڪري لڳي ٿو ته اها پاليسي ضرور تبديل ٿيندي ۽ يورپ  کي پنهنجي دفاع لاءِ پاڻ خرچ ڪرڻو پوندو ۽ مفادن جو هي تڪرار ضرور ٿيڻو آهي. آخر ۾ وارو اچي ٿو، چين جو ان لاءِ مشهور آهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر رچرڊ نيڪسن جي  حڪمت عمليءَ کي هر آمريڪي صدر جاري رکيون اچي ٿو

صدر اوباما صدر نيڪسن واري ساڳي حڪمت عمليءَ جاري رکي، پر چيووڃي ٿو ته آمريڪي صدر ٽرپ جي لهجو ۽ لفظ چين جي حوالي سان ته سخت آهن، پران جي باوجود صدر ٽرپ جي چين پاليسي ۾ تبديلي جي اميد آهي. آمريڪي فوجون ته ايشيا ۾ موجود هونديون پر صدر ٽرپ ۽ چين جي وچم لڳاپن ۾اضافو ٿيندو ۽ معيشت ۽ واپار  جي ميدان ۾ ٻئي ملڪ نوان ريڪارڊ قائم ڪندا. ڇو جو صدر ٽرمپ جو مقصد واپار، پيداوار ۽ سيڙپ ڪاري آهي. باقي رهيو ايران سان ٽڪراءَ ان حوالي سان لڳي ٿو ته ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گرم رهندا ۽ پاڪستان به ڪنهن نيڪي جي اميد نه رکي ڇو جو ڀارتي لابيز پوري دنيا ۾ پاڪستان مخالف سوچ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهن  ۽ ٻئي مودي سرڪار ۽ ٽرمپ انتظاميا جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهنجي دور جي شروعات۾ 21 صدي جي دجال وانگر ڪئي آهي ۽ هڪ جنويت پسند واپاري مان اها ئي اميد ڪري سگجھي ٿي ته ان جا لاڳاپا صرف ۽ صرف واپار۽ مذهب جي بنياد تي هوندا ۽ جتي انسانيت، رواداري جي ڪا به جاءِ نه هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے