18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسٽيبلشمينٽ کي عمران يا شهباز مان ڪير پسند آهي؟

بادل ملاح

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪو نه ڪو معاملو سامهون اچي رهيو آهي، جنهن سبب نه صرف عوام بلڪه ملڪ به ڏکيا ڏينهن ڏسڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. هي ويهه سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن ان وقت جي وزير اعظم اسلام آباد ۾ پنهنجي بااعتماد پوليس آفيسر اسرار احمد کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس اسلام آباد مقرر ڪيو هو، اسرار احمد ان وقت ميان محمد نواز جي هيٺاهين ڪري رهيو هو. ان وقت ٻنهي ۾ سٺي لڳندي هئي، ۽ اهو ئي سبب بڻيو ته ميان محمد نواز شريف هن اسرار احمد کي انهيءَ سال ئي يعني1998 ع ۾ اسلام آباد جو آءِ جي پي مقرر ڪيو هو.

اسلام آباد جو آءِ جي پي ٿيڻ بعد اسرار احمد سڀ کان اول پنهنجن ٻن دوستن سينئر فوجي آفيسرن ليفٽينينٽ جنرل سليم حيدر ۽ ليفٽينينٽ جنرل توقير ضياءُ به لاهور ۾ هئا جڏهن ته اسرار احمد پڻ لاهور جو رهائشي هو. آءِ جي ٿيڻ کانپوءِ اسرار احمد سڀ کان اول پنهنجن انهن ٻنهي دوستن کي فون ڪري ٻڌايو، جن ساڻس پراڻو ورتاءُ ڪرڻ بجاءِ کيس حيران ڪري ڇڏيو. پر ڪجهھ ڏينهن گذرڻ بعد سندس انهن ئي پراڻن دوستن سان ڪنهن تقريب ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ انهن کيس نواز شريف بجاءِ شهباز شريف جي تعريف ڪئي. اها سموري حقيقت هن ميان نواز شريف کي ٻڌائي، آفيسر اسرار احمد پنهنجي ننڍ پڻ جي دوست عرفان خواجه کي مارچ 2017ع ۾ ان بابت سموري حقيقت ٻڌائي، جڏهن جنرل پرويز مشرف ۽ ميان محمد نواز شريف جي وچ ۾ فاصلا وڌيا ۽ نواز شريف جي محترم والد محمد شريف شريف خاندان کي اشارو ڏنو هو ته وزارت عظمي نواز شريف بجاءِ ميان محمد شهباز شريف  جي حوالي ڪئي وڃي. ايئن نه ٿيو ۽ نتيجي ۾ 12 آڪٽوبر تي فوجي بغاوت سامهون آئي، ان بعد جيڪي ڪجهھ ٿيو اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي.

اوهان سڀني کي ياد هوندو ته جڏهن شريف ڀائرن جو محترم والد محمد شريف جلاوطني وارن ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ انتقال ڪري ويو تڏهن ان کي آرمي هائوس راولپنڊي کان جدي ڏانهن تعزيت جي لاءِ فون ڪيو ويو هو، ان وقت به هن نواز شريف بجاءِ شهباز شريف کي فون ڪيو هو ۽ ان سان ئي سندس والد جي فوتگي تي تعزيت ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد ڊڄي ڊڄي ٻڌايو هو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ٻنهي جي سياست ۾ تمام گھڻو فرق آهي؛ يعني نواز شريف فوج سان گڏ هلي نه ٿو سگھي، ۽ شهباز شريف فوج کي ڇڏڻ نه ٿو چاهي، شهباز شريف ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جو وڏو وزير هئڻ باوجود ڪنهن فوجي آفيسر جي گھر وڃڻ ۽ پنهنجي عوامي مينڊيٽ کي هڪ طرف رکي، آفيسرن کي اڳتي وڌي سلام ڪرڻ ۽ انهن کي خوش رکڻ کي خراب نه ٿو سمجھي. هي اهو ئي شهباز شريف آهي، جيڪو پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنهنجي دوست چوڌري نثار علي خان سان رات جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ لڪي لڪي آرمي چيف ڪياني سان ۽ آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي سربراهه جنرل شجاع پاشا سان ملاقاتون ڪرڻ جي لاءِ آرمي هائوس به هليو ويندو هو، انهيءَ معاملي تي ٻنهي دوستن جا خيال ملندڙ جلندڙ هئا.

اسٽبلشمينٽ کي اڄ به اهڙين خوبين سبب ميان محمد شهباز شريف عاشق بڻائي رکيو آهي. شهباز شريف ڪنڌ مٿي ڪري نه بلڪه جھڪائي ڪم ڪندو آهي. ميان نواز شريف جي سپريم ڪورٽ  پاران نااهلي جو فيصلو اچڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ميان محمد شهباز شريف کي اڳتي آڻڻ جون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون آهن؛ پر وڏي ڀاءُ پاران نه رڳو گرم جوشي نظر به آئي ۽ نه ئي نرمي نظر آئي. پهريان ته چوڌري نثار علي خان، جنهنجو وزير اعظم ٿيڻ جو خواب  ٽٽو ۽ بعد ۾ ميان محمد نواز شريف کي مرڪز ۾ آڻڻ جون ڳالهيون ڪرايون وڃن پيون، پر وزارت عظمي جي لاءِ ميان محمد نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جي نالي جي به سرگرمي گردش ۾ هئي، جيڪي، شريف خاندان کي سڃاڻين ٿا، انهن کي اهو به علم آهي ته ميان محمد شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان محمد نواز شريف کان نظريو ضرور مختلف رکندڙ آهي پر نه هن جي ڳالهه کي ٽاريندو آهي، ۽ نه ئي احترام۾ ڪا ڪمي آڻيندو آهي. انهيءَ سموري معاملي ۾ بظاهر شهباز شريف ڪو به ردعمل ناهي ڏيکاريو. ڪن دوستن جو چوڻ هو ته هن ڀيري محترم والد جو ڪردار شريف ڀائرن جي والده جنهن کي هو “آپي جان“چوندا آهن. ان ادا ڪيا. جيڪو ڪم اسٽبلشمينٽ ڪري نه سگھي، اهو ڪم هڪ ماءُ ڪري ڏيکاريو. وڏي ڀاءُ کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي خاطر وزير اعظم جي اميدواري تان هٿ کڻڻو پيو.

شريف خاندان جي ويجھن ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان محمد نواز شريف ۽ ميان محمد شهباز شريف جي وچ ۾ صلح ۽ وزارت عظمي جي عهدي تي ميان محمد شهباز شريف جي اميدوار هئڻ جو فيصلو گذريل مهيني لنڊن ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو هو. ان جا تفصيل جڏهن به سامهون اچن، اها ضرور ڌماڪيدار خبر بڻجندي، ته اهو معاملو امڙ وٽ ويو ڪيئن ۽ هن اهو معاملو حل ڪيئن ڪيو؟ ايئن آهي به يا اسٽبلشمينٽ پاران ميان نواز شريف جي دل خوش ڪرڻ لاءِ هڪڙو پتو اڇلايو ويو آهي. هاڻي جڏهن ته هن وقت اها هوا گھلي پيئي ته ميان محمد شهباز شريف ئي ايندڙ چونڊن ۾ وزير اعظم جو اميدوار هوندو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته شايد هو اقتدار ۾ اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عزت جي بحاليءَ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

وڏووزير هئڻ جو تجربو پڻ رکي ٿو؛ ماڻهو ان جي تعريف ڪندا آهن ته هو مزاج جو جھيڙيڪار آهي پر ڪم تما گھڻي تيزيءَ سان ڪندو آهي، ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آهي، اهو ئي عمران خان آهي، جنهن ۾ ميان نواز شريف کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي ڪيرائڻ جي لاءِ هر وقت اسٽبلشمينٽ جي اهڙين هدايتن تي عمل ڪيو؛ جيئن ڪنهن زماني ۾ بذات خود ميان نواز شريف ميان نواز شريف  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪيو هو، ميان نواز شريف جيئن محترمه بينظير ڀٽو سان ڪيو هو، ايئن نواز شريف سان به تاريخ پاڻ ورجايو آهي، پر عمران خان جي رويي سبب نه ملڪ اڳتي وڌي سگھندو نه وري جمهوريت وڌي سگھي.

پاڪساتن تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان بذات خود هڪ اهڙي طاقتور ليڊر طور تي سامهون اڀريو آهي، جنهن سان نه صرف اسٽبلشمينٽ بلڪه عوام جو به ججھو تعداد ساڻس سان گڏ ۽ موجود آهي، پر ڇا وزير اعظم جي عهدي جي لاءِ اسٽبلشمينٽ کي هڪ تابعدار وزير اعظم جي ضرورت هوندي آهي عمران خان جهڙي طاقتور وزير اعظم جي ضرورت نه آهي؟ شايد اسٽبلشمينٽ به ٻڏتر جو شڪار بڻيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے