17 اربع , جنوري 2018

سنڌ ۾ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽيءِ ۾ مقابلو

راهب علي سولنگي

سنڌ ۾ نئين سياسي صف بندي جو سسلو شروع ٿي چڪو آهي.جڏهن ته عام اليڪشن ۾ سرخرو هجڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي حڪمت عملي تيار ڪندي نظر اچي ٿي جنهن جو مقصد مسل ليگ (ن) تي اثرانداز ٿيڻو آهي، جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب۾ پسند جي رزلٽ حاصل ڪرڻ آهي.جنهن ۾ مخالفن کي سنڌ مان پري رکڻ آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اکين جو نور سمجهڻ آهي.انهيءِ ڪري پيپلز پارٽي عوامي رابطا مهم ۾ مصروف آهي.جڏهن ته سنڌ ۾ پاپولر سياسي جماعتون سنڌ ۾ سرگرم نظراچي رهيون آهن.جيڪي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ آهن انهن ۾ ساڳيو سلسلو پيپلز پارٽي وارو عوامي رابطي واري موسم آهي.سنڌ ۾ پيپلز پارٽي طاقت جي مظاهري واريون لهرون نظر اچي رهيون آهن.جيئن عمران خان سنڌ ۾جتي به جلسا ڪيا آهن.ته انهيءِ جي بدلي ۾ پيپلز پارٽي به سنڌ ۾ جلسا ڪري ڏيکاريا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ سياسي اتحاد گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس سنڌ جنهن سکر ۾ هڪ شاندار جلسو ڪري پيپلز پارٽي کي خبردار ڪيو. ٻيو ملڪ ۾ مذهبي سياسي پارٽين جو نئون اتحاد ٿيو آهي.جنهن جو نالو (ايم.ايم.اي) رکيو ويو آهي.جنهن اڃا جلسا جلوس ناهن ٿيا.ڇا اهي سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ ڏانهن ڏيان ڇڪائڻ لاءِ ناهن اهي اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهين ته ملڪ ۾ اسان جو به ووٽ بئنڪ آهي.

پيپلز پارٽي پنهنجي مقبوليت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي نئي پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ مشڪلاتن جو شڪار آهي. پيپلز پارٽي سڀ کان وڏو هدف ملڪ ۾ (مسلم ليگ ن) آهي ڇا پيپلز پارٽي جو مسلم ليگ (ن) کان پلڙو ڀاري ٿي سگهي ٿو.جيڪڏهن اڃي ٿيو. ته پوءِ بلاول هائوس ۾ خوشي جا دهل انهيءِ ڏينهن وڃڻ شروع ٿي سگهن ٿا.مفاهمتي جادوگري رنگ ڏيکاري سگهندي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) فرنٽ فٽ تي بيهي کيڏي رهي آهي.ڇا انهيءِ ۾ڪامياب ٿي سگهندي ڇو ته هن وقت سڀ کان خطرناڪ صورتحال مسلم ليگ (ن) جي اندر ۾ اختلافن آهن.تڏهن پيپلز پارٽي پنجاب کي کليو ميدان مليل آهي.اهڙي طرح سان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ملندي.جڏهن ته پيپلز پارٽي کي سڄي سنڌ پنهنجي جهولي ۾ آهي . ڪراچي ۾ جيڪي محنت پيپلز پارٽي کي ڪرڻي هئي اها پاڪ سرزمين ڪندي نظر اچي ٿي. جنهن (ايم.ڪيو.ايم) جي ڀڃ ڊاهه ۾ مصروف آهن. ڇو ته لنڊن ۽ پاڪستان تيزي سان ناڪامين ڏانهن پڌي رهي آهي. جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽي هر ايندڙ ڏينهن ڪانه ڪا ڳالهه ڪندي نظراچي ٿي. ۽ (ايم.ڪيو.ايم) جا لغڙ ڪاٽيندي نظر اچي ٿي پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ آمهون سامهون آهن.تحريڪ انصاف کان سنڌ  محفوظ ڪري سگهي ٿي.ڇو ته هن وقت تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ آمهون سامهون آهن.تحريڪ انصاف جي سربراهه جو باربار سنڌ ۾ اچڻ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي.پيپلز پارٽي جي قيادت وڏي خوف جو شڪار نظر اچي رهي آهي.هن وقت سنڌ ۾ تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ چيئلنج بڻيل آهي.جڏهن ته شهري آبادي ۾ (ايم.ڪيو.ايم) ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ پيپلز پارٽي جو راڄ آهي.پيپلز پارٽي جي قيادت انهيءَ برداشت ڪرڻ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي پيپلز پارٽي جي قيادت جو چوڻ آهي ته مخالفن کي پارٽي منشور سان شڪست ڏينداسين.پيپلز پارٽي جو سياسي شعور ايڏو طاقتور آهي؟.ڇا سنڌ مان پيپلز پارٽي ايڏو وڏو مينڊيٽ حاصل ڪري سگهندي جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي ڪردار ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميثاق جهموريت جو ڀرم رکندي هر مشڪل مان گذري رهي آهي.هن وقت پيپلز پارٽي جو مرڪزي قيادت جو سمورو ڌيان پنجاب طرف آهي.

پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي اخلاقي حثيت پنجاب تي خرچ ڪرڻ چاهي ٿي.ڇا پاڪستان ۾ حڪمراني لاءِ سياسي شهادت جي ضرورت آهي.پر اهڙي سياسي شهادت ڏيڻ لاءِ ڪنهن به پاپولر سياسي پارٽي ۾ شهادت ڏيڻ لاءِ ماڻهو موجود ناهن جڏهن ته سياسي پنڊت سياسي شترنج ۾ سياسي چال کيڏڻ لاءِ ڪنهن شاندار مهري جي تلاش آهن.هن وقت به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي بر سر اقتدار رهڻ جي خواهش نظر اچي رهي آهي.ته 2018ع ۾ ٽيهر به سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي جي ٿئي ۽ وري ٽيهر به پيپلز پارٽي سرڪاري ڇٽي هيٺ ويهڻ جي خواهش مندي ڏيکاري رهي آهي.سنڌ ۾ تڏهن ته ڀوتارن جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ وڏي قطار لڳل آهي.سنڌ ۾ الميو اهو آهي ته سنڌ ۾ وفاداريون تبديل ڪندڙ سياسي ماڻهن جي ڪابه گهٽتائي ناهي رهي تڏهن ته سنڌ ۾ وفاداريون تبديل ڪندڙ ڀوتارن جي ڳچين ۾ پنهنجي پنهنجي قيمت پليٽ لڳل آهي.

سنڌ ۾ اليڪشن جي موسم هوندي آهي.ته هر سياسي ماڻهو ان وقت همدردي ڪار،خوشامند ڪارڊ، چاپلوسي ڪارڊ،تعزيتي ڪارڊقوم پرستي ڪارڊ، واعده ڪارڊ،پسند ڪارڊ،شهيد ڪارڊ،۽ ڀتو ڪارڊ،سڀ سياسي ماڻهو اهڙن ڪارڊن جو استعمال ڪندي نظراچي رهيا آهن. اڄ ڪلهه سنڌ ۾ اهائي وٺ وٺان نظر اچي رهي آهي.ساڳيا وڏيرا ڀوتار سردار۽ مرشد سائين پنهنجي پنهنجي بادشاهي قائم رکڻ لاءِ سياسي چالن ذريعي اسان کان ووٽ وٺڻ لاءِ وڏين گاڏين۾ چڙهي ايندا پر انهن جي سياسي سوچ ۽ سياست ۾ آمراڻو رويو ڪجهه وقت لاءِ نظر نه ايندو انهن جي سياسي اختلافن سبب انهن جي دلين ۾ هميشه انتقامي پاليسين جي نتيجي ۾ نطر انداز ٿيندڙ عوام ئي ڀوڳيو آهي.سنڌ ۾ موجوده سياسي پارٽين جي حيثيت ڪٿي بڻيل آهي.هر سياسي ماڻهو پنهنجي شهري کي سياسي سهارو ڏيندي نظر اچي پيو.سندن سياسي پليٽ فارم ڪونهي پوءِ اهي اسان جي معاشري جي ترقي لاءِ ڇا ڪري سگهندا تڏهن ته افسوس جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو.ته ا نهن کي اقتدار واري دور ۾ ياد ناهيون هوندا پوءِ اقتدار کان ٻاهر اليڪشن وقت انهن کي اسان جا مري ويل عزيز ياد ڪيئن ايندا آهن اها سوچڻ جا ڳالهه آهي. اهڙن چالاڪن ۽ دوکي باز سياستدانن کان اسان کي پنهنجو پاڻ بچائڻ گهرجي.!!!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے