18 جمعرات , جنوری 2018

قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس، ٽرمپ جي الزامن باوجود تڪڙو قدم نه کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو ٿيل هنگامي اجلاس ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪميٽي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جو عزم لا محدود آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ڊي جي ايم او ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ، بچاءَ واري وزير خرم دستگير ۽ پرڏيهي وزير خواجا آصف سميت ٻين سول توڙي عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت بيان تي غور سميت ملڪي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي پڌرائي ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏيل طور موقف اختيار ڪيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جو عزم لا محدود آهي، پاڪستان دهشتگردن خلاف بنا امتياز ڪارروايون ڪندي عظيم قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني عوام پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ قومي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ ڄاڻي ٿو پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان ڪو به تڪڙو قدم نه کڻندو. قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائيءَ ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستاني قومي دهشتگردي خلاف مثالي عزم جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي دهشتگردي ٽوڙ آپريشن سبب خطي ۾ القاعدا جو خاتمو ٿيو، امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. واضح رهي ته ان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس پڻ ٿي هئي، جنهن ۾ ملڪ توڙي خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ چورن جي مافيا ويٺل آهي، ڏوهارين جي عزت نه ڪندس: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے