18 جمعرات , جنوری 2018

آمريڪا ته اتر ڪوريا کان به ڊڄي پيو، پاڪستان وڌيڪ مضبوط آهي: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته دنيا ۾ ڪهڙو به واقعو ٿئي الزام پاڪستان تي لڳندو آهي، اسان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، چين جيان روس کي به پاڪستان جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ گهرجي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ٽرمپ ايترو چريو ناهي جيترو ماڻهو ان کي سمجهن ٿا، ڀارت اسان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، آمريڪا ته اتر ڪوريا جهڙي ملڪ کان به ڊڄي رهيو آهي، پاڪستان اتر ڪوريا کان وڌيڪ مضبوط آهي. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو، سڄي دنيا کي خبر پئجي وئي آهي ته شريف خاندان مني لانڊرنگ ڪندو آهي، موجوده حالتن ۾ اين آر او نٿو ٿي سگهي، هاڻ عدالتن ۾ ئي حساب ڏيڻو پوندو، فيبروري ۾ ن ليگ حڪومت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ سڀ چورا گڏيا آهن، پر انهن جي ايجنڊا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيل سان دفاعي ٺاهه کان ڀارت طرفان چين کي ائٽمي حملي جو نشانو بڻائڻ لاءِ ميزائل جو تجربو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت زمين زمين تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل اگني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے