25 سومر , جون 2018

ڪوئيٽا ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ۾ ٻن دهشتگردن کي مارڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي. دهشتگردن شهر جي علائقي بليلي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي ۾ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. حملي ۾ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ۾ ٻن دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …