25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 6 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروايون ڪندي مختلف علائقن مان 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رينجرز ترجمان موجب گارڊن ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪندي 3 ڏوهارين کي سوگهو ڪيو ويو، جن ۾ سهيل سعيد، عبدالقادر ۽ محمد فارس شامل آهن، جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري سميت ڏوهن جي ٻين وارداتن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته گلشن اقبال ۽ عوامي ڪالوني مان به ٽن ڏوهارين کي اسماعيل، صدام حسين ۽ عبدالله کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي منشيات فروشي ۾ ملوث آهن، جوابدار اسماعيل جي قبضي مان 3 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي. گرفتار ٿيل 5 ڏوهارين کي پوليس، جڏهن ته هڪ کي اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس (اي اين ايف) حوالي ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ خلاف نيب جي درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ العزيزيا ۽ فليگ شپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے