17 بدھ , جنوری 2018

نيپرا بجلي جي في يونٽ تي 3 رپيا 11 پئسا گهٽائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ جي قيمت 3 رپيا 11 پئسا گهٽائي ڇڏي آهي. نيپرا نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 3 رپيا 11 پئسا سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نومبر ۾ في يونٽ بجلي تي فيول لاڳت 4 رپيا 19 پئسا رهي. نيپرا بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته واهپيدارن کي هلندڙ مهيني رليف فراهم ڪيو وڃي پر ماهوار 3 سئو يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف نه ملندو. نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب زرعي توڙي لائف لائن واهپيدارن کي به رليف نه ملندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ رشيد قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے