20 خميس , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس جاري آهي، جنهن جي سربراهي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ بچاءَ وارو وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجا آصف، جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين، ٽنهي فوجن جا سربراهه ۽ ٻيون سول توڙي عسڪري اختيارين شريڪ آهن. وزيراعظم جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت بيان تي غور سميت ملڪي توڙي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو پيو وڃي. واضح رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس پڻ ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے