19 اڱارو , جون 2018

دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي خدمتن کي قبول ڪرڻ گهرجي: چين

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان کانپوءِ چين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. آئوٽ لڪ انڊيا جي هڪ رپورٽ موجب چين جو چوڻ آهي ته عالمي برادريءَکي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي غير معمولي خدمتن کي قبول ڪرڻ گهرجي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوانگ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻيون قربانيون ڏئي چڪو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جون خدمتون غير معمولي آهن، عالمي برادري کي اهي قبول ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته چين کي خوشي آهي ته پاڪستاني علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي سميت عالمي سهڪار ۾ مصروف آهي. سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سمورن موسمن جا دوست آهن ۽ اسان ٻنهي ڌرين جي فائدي لاءِ هر قسم جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The last day of the nomination for the nomination fellow Farooq, Bilawal and Shahbaz Sharif passed the form of others

نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني جو آخري ڏينهن، بلاول ۽ شهباز شريف سميت ٻين جا فارم منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ …