21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

نيوز: ڌاٻيجي: مقامي ماڻھن کي اباڻا اجها خالي ڪرائڻ جون سازشون جاري

ڌاٻيجي ويجهو  مقامي  ماڻھن کي اباڻا اجها خالي ڪرائڻ جون سازشون جاري، بااثر بيوهه جي زمين تي قبضو ڪري ورتو ، متاثر عورت پاران بک هڙتال ڪئي وئي.

گهارو فلٽر ڀرسان زمين نه کپائڻ تي حڪومت جي اهم اڳواڻ جي  ويجهن مائٽن پاران بيوهه جي سروي زمين تي مقامي انتظاميا سان ملي ڀگت ڪري قبضو ڪري ورتو بيواهن پاران علامتي بک هڙتال  ڪئي وئي.

بيبي زهرا ٻڌايو ته سندن  ابن ڏاڏن جي زمين کپائڻ لاءِ  چيو پر وڪرو نه ڪئي هنن الزام هنيو ته صدر ممنون حسين جي پٽ جي سهري مقامي انتظاميا سان ملي ڀگت ڪري هٿيار بند ويهاري زمين تي  قبضو ڪري ورتو آھي.

 هنن چيو ته کين لڏائڻ لاءِ موتمار ڌميڪون ڏينون پيون وڃن جنهن ڪري اسان خوف وچان گهر خالي ڪري دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون .

هنن مطالبو ڪيو ته سندن زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي …………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Protest for freedom of young man

نيوز: سکر: بوسا لائين جي رهواسي عورتن جو اختيارين کان  نوجوان جي آزاي جو مطالبو

*سکر جي بوسا لائين جي  رهواسڻ  تسليم خاتون ۽ رخسانه سنجراڻي پريس ڪلب پهچي داهيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے