25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عدالتون عمران خان سان خاص سلوڪ ڪري رهيون آهن: دانيال عزيز

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي شق تحت پاڪستان ۾ ڪنهن کي ضمانت نه ملي آهي، عمران خان ڪيس کي غور سان ڏسي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سياسي ڪيس آهي تنهن ڪري پيش نه ٿي رهيو آهيان، عمران خان انوکو لاڏلو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه مسلم ليگ ن خلاف ٿي رهيو آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري شق تحت ڪنهن کي ضمانت نه ملندي آهي، عمران خان کي ملي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان خاص سلوڪ ڪيو پيو وڃي. دانيال عزيز چيو ته عمران خان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ٿي چڪو، ڪئنيڊا مان پهتل شخص به اشتهاري آهي، جيڪو قانون جي پاسداري جي دعويٰ ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے