21 اتوار , جنوری 2018

رڳو پيپلز پارٽي وٽ ئي دهشتگردي ۽ آمريڪا کي منهن ڏيڻ جو تجربو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رڳو پيپلز پارٽي کي ئي دهشتگردي ۽ آمريڪا کي منهن ڏيڻو جو تجربو آهي، انتهاپسندي جو خاتمو ان ڪري نه ڪنداسين ته اهو ٽرمپ چيو آهي پر اهو اسان جي مفاد ۾ آهي. تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽرمپ جي ڌمڪي تي رد عمل جو اظهار ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان انتهاپسندي کي ان ڪري ختم نه ڪنداسين ته ٽرمپ چيو. رڳو پيپلز پارٽي کي دهشتگردي ۽ آمريڪا کي منهن ڏيڻ جو تجربو آهي، اسان دور ۾ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي وارو ڪامياب آپريشن لانچ ڪيو وي، سلالا حملي تي آمريڪا جي معافي تائين نيٽو سپلاءِ ۽ هوائي اڏا بند ڪيا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪير ٽرمپ کي ڪوليشن سپورٽ فنڊ، خدمتن جي عيوض ادائيگي جو فرض سمجهائي، يو ايس ايڊ انساني همدردي جي بنياد جي دلين کي کٽڻ لاءِ ڏني ويندي آهي، خدمتن جي عيوض عدم ادائيگي سان مستقبل ۾ سهڪار تي اثر پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ هفتي ۾ شريعت لاڳو نه ٿي ته پنجاب کي بند ڪري ڇڏينداسين: پير حميد الدين سيالوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پير حميد الدين سيالوي شريعت لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے