15 اربع , آگسٽ 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ اشرافيه تي لاڳو سپر ٽيڪس قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ملڪ جي اشرافيه تي لاڳو سپر ٽيڪس خلاف سموريون درخواستون خارج ڪندي ان کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.  تفصيل موجب حڪومت طرفان ملڪ جي اشرافيه تي لاڳو سپر ٽيڪس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 28 درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد ڪريم درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي ريمارڪس ڏنا ته سپر ٽيڪس لاءِ انڪم ٽيڪس آرڊيننس ترميم سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ناهي. عدالت ريمارڪ ڏنا ته 50 ڪروڙ کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن ماڻهن ۽ ڪمپنين تي لاڳو اهو ٽيڪس بلڪل قانوني آهي ۽ وفاقي حڪومت به سپر ٽيڪس لاڳو ڪري ڪا به قانوني ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے