24 منگل , اپریل 2018

ٽرمپ جي بيان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي طلب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان بعد وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو سڀاڻي رٿيل اجلاس اڄ ئي طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ شام ئي طلب ڪيو ويو جنهن کي اڄ ملتوي ڪري سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري کي هنگامي طور گهرايو ويو آهي جيڪو ڏيهه پهچي چڪو آهي. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٽنهي سروسز چيفس سميت اهم وزير ۽ سيڪريٽري شرڪت ڪندا.  ٻئي طرف وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ ملڪي اقتصادي معاشي صورتحال سميت سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے