21 ہفتہ , اپریل 2018

افغان فورسز جي زميني ۽ هوائي ڪارروائي، داعش جا 65 ويڙهاڪ مارجي ويا

جلال آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ افغان فورسز جي هوائي ۽ زميني آپريشن دوران شدت پسند تنظيم داعش جا 65 وڙهاڪ مارجي ويا. افغان نيوز ويب سائٽ طلوع نيوز جي رپورٽ موجب ترجمان گورنر عطاءُ الله خوگياني هلاڪتن جي تصديق ڪندي ٻُڌايو ته ضلعي هسڪه مينا جي علائقن گورگوري ۽ وانگوره ۾ گذريل ڏينهن زميني ۽ هوائي ڪارروايون ڪيون ويون. عطاءُ الله خوگياني جو چوڻ هو ته افغان فورسز جي آپريشن ۾ داعش جا 18 ويڙهاڪ زخمي پڻ ٿيا. ترجمان ٻُڌايو ته آپريشن ۾ هڪ شهري فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. عطاءُ الله خوگياني جو چوڻ هو ته داعش جي ويڙهاڪن شهرين جي گھرن کي ڍال بڻائي رکيو هو. گذريل ڏينهن افغان صوبي هلمند ۾ ٿيل هوائي حملي جي نتيجي ۾ شدت پسند تنظيم طالبان جي اهم ڪمانڊر ۽ آپگھات آپريشنز جي انچارج مولوي احمد مسرور سميت 16 شدت پسند مارجي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرانسيسي عدالت مڙد آفيسر سان هٿ ملائڻ نه ملائڻ تي مسلم عورت کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي اعليٰ انتظامي عدالت مرد آفيسر سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے