26 جمعرات , اپریل 2018

رپورٽ: باڊهه ۾ قتل ٿي ويل بيباڪ صحافي شان ڏهر جي وڇوڙي کي چار سال ٿي ويا، باڊهه ۾سندس وارثن ۽ صحافين پاران ٽائون ڪاميٽي ۾ چوٿين ورسي ملهائي وئي

باڊهه ۾ قتل ٿي ويل بيباڪ صحافي شان ڏهر جي وڇوڙي کي چار سال ٿي ويا، باڊهه ۾سندس وارثن ۽ صحافين پاران ٽائون ڪاميٽي ۾ چوٿين ورسي ملهائي وئي…….،

پيش آهي وحيد ڳاهو جي رپورٽ…………..،

سنڌ جي نوجوان ۽ اورچ صحافي شان ڏهر جي چوٿين ورسي تقريب ملهائي وئي جنهن ۾  لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شهرن جي صحافين، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي…..،

ان موقعي تي ورسي تقريب کي شهيد صحافي شان ڏهر جي ڀيڻ  فوزيا ڏهر، صحافين ظفر ابڙو، بدر الدين شيخ، مرتضى ڪلهوڙو، نالي واري اديب ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ،

واضع رهي ته 4 سال اڳ نئين سال جي شروعات 2013 ۽ 2014 جي رات نئين جو قاتلن اونڌاهيءَ جو فائدو وٺندي فائرنگ ڪري کيس  قتل ڪيو هو.

هن وقت تائين رهزنن هٿان قتل ٿيل شهيد صحافي شان ڏهر جي خون سان انصاف نه ٿيو آهي ۽ نه ئي پوليس هن وقت تائين اصل قاتل گرفتار ڪري سگهي،

شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيه ڏهر عوامي آواز  ٽي وي سان ڳالهائيندي، سنڌ سرڪار ۽ زماني جي بي حصيءَ متعلق افسوس جو اظهار ڪيو…………..،

نويد لاڙڪ، ڳالهائيندي شان ڏهر جي ظالماڻي قتل ۽ انصاف نه ٿيڻ جي مذمت ڪئي……….،

نامياري قاضي آفتاب چيو ته شان ڏهر صحافت جو هڪ ناياب هيرو هو……………

باڍهه جي ساڃاهه وندن چيو ته شان ڏهر جي اڄ چوٿين ورسي ملهائي رهيا آهيون پر اڄ تائين سندس قاتل گرفتار ٿي نه سگهيا آهن………..،

جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران شهيد صحافي شان ڏهر جي وارثن سان ڪيل واعدا پڻ وفا نه ڪيا ويا آهن، ان وقت جي وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه شهيد جي وارثن کي ڏهه لک روپيا هڪ پلاٽ ۽ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو

ان وقت سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير نثار احمد کهڙو اعلان ڪيو هو ته شان ڏهر جي ٻنهي نياڻين جي تعليم جو خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي پر افسوس سنڌ سرڪار پنهنجو هڪ به واعدو پورو نه ڪيو جڏهن ته سندس نياڻيون 11 سالا رانيه بتول ڇهين جماعت ، 10 سالا عاليه بتول چوٿين جماعت ڪراچي جي هڪ نجي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، جن جي تعليم جو خرچ شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيا برداشت ڪري رهي آهي،

ان موقعي تي شهيد صحافي شان ڏهر جي وارثن ۽ صحافين مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي شان ڏهر جا اصل قاتل گرفتار ڪري سنڌ سرڪار پاران ڪيل اعلانن تي عمل ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ڊرٻ ميهر شاهه: سخي لالڻ شاهه بخاري جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع

ڊرٻ ميهر شاهه ۾سخي لالڻ شاهه بخاري جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے