21 خميس , جون 2018

نجومين به چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان دشمنن جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي. نجومين به چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي افغان جنگ جي پس منظر بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن، ٽرمپ کي پاڪستان دشمنن بريف ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، ڪنهن ٻي لاءِ پئسن خاطر جنگ ڪرڻ سان خواري ملندي آهي. عمران خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو اربين ڊالر نقصان ٿيو آهي، آمريڪي صدر ۾ عقل جي ڪمزوري آهي. هن چيو ته شريف ڀائر پنهنجي چوري بچائڻ ۽ اين آر او لاءِ سعودي عرب ويا، تحريڪ انصاف چونڊن لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اقامو مني لانڊرنگ جو طريقو آهي، ايف زيڊ ڪمپني مني لانڊرنگ جو طريق هو. عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم ڪو به اين آر او قبول نه ڪندي،  شريف ڀائرن کي اين آر او لاءِ سعودي عرب وڃڻ تي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته اين آر او جي خوشبو به آئي ته قوم روڊن تي هوندي، شاهد خاقان عباسي گڏو آهي، حڪومت چورن کي بچائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته عدالت گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ته مان گرفتاري ڏئي ڇڏيندس.  عمران خان چيو ته نجومين به چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي. هن چيو ته الله تي به يقين آهي ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائر پئسو چوري ڪري سعودي عرب کان اين آر او جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته اسان جو مقابلو مافيا سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف کي اين آر او ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ کي چوندس ته جيل کولي سڀني کي آزاد ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مان قانون جو لاڏلو آهيان، قانون تي عمل ڪندو آهيان. عمران خان چيو ته سياسي مظاهرن تي دهشتگرديءَ جو قانون ڪيئن ٿو لاڳو ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The details of the assets of Shahbaz Sharif and Hamza Shahbaz

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے