20 ہفتہ , جنوری 2018

مڪي کان مديني تائين پهرين ٽرين سروس جو آغاز ٿي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) مڪي کان مديني تائين پهرين ٽرين سروس جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ تيز رفتار ٽرين 450 ڪلوميٽرن جو سفر رڳو 2 ڪلاڪ 52 منٽن ۾ طئي ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ تيز ترين ٽرين سروس جو آغاز ڪيو ويو آهي. مڪي کان مديني تائين وڇايل نئين ٽريڪ ٽرين پنهنجو پهريون سفر ڪيو ۽ ٻنهي شهرن جي 450 ڪلوميٽرن جي فاصلي کي 2 ڪلاڪ 52 منٽن ۾ طئي ڪري ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون.منصوبي جي ذميوار هسپانوي سعودي ڪنسور شيم جي ترجمان ال شول جو چوڻ آهي ته مڪي کان مديني تائين 450 ڪلوميٽرن جي سفر ۾ ڪيترن ئي رستن تي ٽرين 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان به سفر طئي ڪندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين سعودي عرب جي شهر جده مان گذرندي ۽ حاجين کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قازقستان ۾ بس کي باهه، 52 ڄڻا سڙي فوت

استانا(ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ بس ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا سڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے