24 آچر , جون 2018

ڪراچي نوگو ايريا ناهي، ڪنهن کي قبضن جي اجازت نه ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي نوگو ايريا ناهي، زمينن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرائينداسين. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ زميني معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. وڏي وزير کي بريفنگ دوران آگاهه ڪيو ويو ته سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ گاربيج جي منتقلي ۽ لينڊ فل سائيٽ لاءِ زمين جا مسئلا  آهن. مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري بريفنگ دوران ٻڌايو ته جي ٽي ايس لاءِ ڪي ڊي اي سيڪٽر 52 ڪورنگي ۾ گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن لاءِ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي زمين الاٽ ڪئي آهي جڏهن ته پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته اها زمين سندن ملڪيت آهي. هن چيو ته سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ضلعي اوڀر لاءِ سهراب ڳوٺ ۾ جي ٽي اي لاءِ زمين ڏني وئي آهي پر اتي غير قانوني قبضو ڪيو پيو وڃي. ڄام خان شوري ٻڌايو ته ضلعي ملير جي ديهه گنگيارو تي 40 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي ڪجهه بااثر ماڻهن جو قبضو آهي، ميوه شاهه ۽ ڌوٻي گهاٽ تي به سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي زمين تي قبضو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه  چيف سيڪريٽري کي زمين جو رڪارڊ ۽ ان جي ملڪيت واضح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن ڪراچي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ڪراچي انتظاميه قبضا مافيا سامهون ايتري بيوس ڇو آهي، هي ڪراچي آهي ڪو نو گو ايريا ناهي، ماڻهو توهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏئي رهيا آهن، او ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿيو پر مان بيوس نه آهيان، مان پاڻ نڪري قبضا ختم ڪرائيندس، اها زمين ڪراچي جي عوام جي آهي، اها ڦرڻ نه ڏيندس، جيڪڏهن اڄ قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته مان پاڻ ايندس. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي، ميمبر ايل يو، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا ڇڏايل زمين جو رڪارڊ تيار ڪري تصديق کانپوءِ محفوظ ڪندي ۽ تجويزون ڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے