19 اربع , سيپٽمبر 2018

قابض اسرائيلي فوجين کي چماٽ هڻندڙ بهادر فلسطيني نينگري تي فرد جرم لاڳو

ولاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي فوجي عدالت قابض اسرائيلي فوجين کي چماٽ هڻندڙ فلسطيني نينگري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻه هفتا اڳ انٽرنيٽ تي 16 ورهين جي احد تميمي ۽ سندس ڀيڻ جي حوالي سان هڪ وڊيو منظر تي آئي هئي جنهن ۾ هو قابض اسرائيلي فوجين کي فلسطين مان نڪري وڃڻ جو چئي رهي هئي، ان دوران مزاحمت ڪندي احد تميمي قابض فوجين کي چماٽ هڻي ڇڏي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اسرائيلي فوج احد تميمي ۽ سندس ڀيڻ کي سندن گهر مان گرفتار ڪيو جڏهن ته امڙ ناريمان کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو احد تميمي سان ملڻ پوليس اسٽيشن وئي. 12 ڏينهن تائين اسرائيلي حراست ۾ رهڻ بعد اڄ فوجي عدالت مٿس فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے