18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز: گمبٽ: آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به ڪمند جو مناسب ملهه نه ملڻ خلاف ڌرڻو جاري

گمبٽ ويجهو آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به شگر ملز نه هلڻ ۽ ڪمند جو مناسب ملهه نه ملڻ خلاف نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳل آهن جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن.

آبادگارن ٻڌايو ته سنڌ سرڪارساڻن ڪو به سهڪار نه ڪري رهي آهي ، شگر ملز کي ڄاڻي واڻي بندڪري آبادگارن کي ڪنگال بڻايو پيو وڃي

هنن چيو ته ڪمند جو مناسب ملهه نه ڏئي سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته جيسيتائين سندن مطالبا مڃي انهن تي عمل نه ڪيو ويندو ان وقت تائين سندن ڌرڻو جاري رهندو …………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : پير جو ڳوٺ: ٻن يرغمالين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، گهر ۾ خوشي جي لهر

پيرڳوٺ جي رهواسي ٻن يرغمالي  نوجوانن کي هڪ سئو يارنهن ڏينهن کان پوءِ  پوليس بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے