25 سومر , جون 2018

نئين سال جي آغاز تي پاڪستاني فٽبال مداحن لاءِ خوشخبري

لاهور (اسپورٽس نيوز) نيئن سال جي آغاز ۾ فٽبال مداحن لاءِ خوشخبري اچي وئي، يورو گوءِ جي ايٽليٽڪو پينارول ڪلب جي انڊر 16 فٽبال ٽيم اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. ذريعن موجب سيريز جون اهي ميچون ڪراچي ۽ ملتان ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن. وڌيڪ خبر پئي آهي ته ٻئين مرحلي ۾ پاڪ اليون فٽبال ڪلب به مئي ۾ يورو گوءِ ويندو ۽ ۽ ميزبان ملڪ ۾ ايترين ئي ميچن ۾ حصو وٺندو. ان حوالي سان فيفا جي تسليم ٿيل پي ايف ايف جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فهد خان چيو آهي ته هو پينارول ڪلب پاڪ اليون فٽبال سان گڏ دوستي سيريز کيڏندو. ان ضمن ۾ پاڪ وزن ملڪ جي تعليم ماڻيل ۽ قومي فٽبال ٽيم سان ڳنڍيل ڪوچز تي ٻڌل هڪ سليڪشن ڪميٽي جوڙي آهي جنهن جو اعلان جلدي ئي ڪيو ويندو. اها سليڪشن ڪميٽي جلدي ئي ڏيهي سطح تي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ڪرائيندي جنهن ۾ نوجوان ٽيلنٽ کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويندو. پي ايف ايف جي جنرل سيڪريٽري جو چوڻ هو ته سيد فيصل صالح ۽ ڪرنل احمد يار لوڌي پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ هن وقت به اها سيريز ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر طرفان هاڪاري جواب مليو آهي ۽ جلدي ئي پريس ڪانفرنس ڪندس جنهن ۾ قومي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جي حڪمت عملي واضح ڪندس، فٽبال مداحن لاءِ ٻيا به گھڻائي اعلان ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم جي ٽيم تيونس کي آئوٽ ڪلاس ڪري ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ بيلجيئم جي ٽيم تيونس کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے