19 جمعہ , جنوری 2018

پاڪستان ۽ ڀارت جي اختيارين ۾ ائٽمي هٿيارن جي لسٽ جي مٽاسٽا

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٺاهه تحت ائٽمي هٿيارن جي لسٽ جي مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ 31 ڊسمبر 1988ع جي ٺاهه تحت هر سال پهرين جنوري تي ائٽمي هٿيارن بابت لسٽن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي آهي ۽ 27 هون ڀيرو ائٽمي هٿيارن جي لسٽ جي مٽاسٽا ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ لسٽن جي مٽاسٽا ڪئي. نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڀارتي اختيارين ائٽمي ٺڪاڻن بابت لسٽ فراهم ڪئي جڏهن ته پاڪستان اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ لسٽ پرڏيهي آفيس جي نمائندي حوالي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب لسٽن جي مٽاسٽا جو مقصد ائٽمي هٿيارن جي ٺڪاڻن جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻائڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے