18 اربع , جولاءِ 2018

حسن علي هڪ ئي سال ۾ زيرو مان هيرو بڻجي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) حسن علي زيرو مان هيرو جو سفر تيز رفتار سان طئي ڪيو جڏهن ته 2017ع دوران ون ڊي بالرز رينڪنگ ۾ 75 هين پوزيشن کان ٽاپ تي پهچي ويو. آءِ سي سي طرفان گذريل سال رينڪنگ ۾ تيزي سان ترقي حاصل ڪندڙ رانديگرن جا تفصيل جاري ڪيا ويا، ان ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي نمايا آهي، هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ زيرو مان هيرو جو سفر تيز رفتاري سان طئي ڪيو جنهن جا نمايا اثر رينڪنگ ۾ به ڏسڻ لاءِ مليا، 2017ع ۾ حسن علي 45 ون ڊي وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن سال جو آغاز ٿيو ته ان وقت رينڪنگ ۾ سندس نمبر 75 هو پر آخر ۾ ٽاپ پوزيشن تي پهچي ويو. 50 اوورن جي بالرز رينڪنگ ۾ ڀارت جي جسپريت بمرا سڄي سال ۾ 48 درجا ترقي سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، افغانستان جي ليگ اسپنر راشد خان کي 38 درجي جي بهتري اٺين نمبر تي آندو. آسٽريليا جي ڪپتان اسٽيون اسمٿ ٻئي سال جي آخر ۾ به ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي، هن وقت سندس ريٽنگ پوائنٽس 947 جڏهن ته ويرات ڪوهلي 54 پوائنٽس جي فرق سان ٻئين نمبر تي موجود آهي. ڀارتي ڪپتان کي ون ڊي بيٽسمين رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل آهي تنهن هوندي ڏکڻ آفريقا جو ابراهم ڊي ويليئرز رڳو 4 پوائنٽس جي گھٽتائي سان ٻئين نمبر تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FIFA World Cup winners have arrived in France, wonderful fans

فيفا عالمي ڪپ جا فاتح فرانس پهچي ويا، شاندار آجيان

پئرس(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي فاتح وطن پهچي ويا، فرانس پهچڻ تي مداحن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے