19 اڱارو , جون 2018

اسحاق ڊار خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس جي مختصر ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ ۽ سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ تي منع نامي جا نقل عدالت ۾ پيش ڪيا. جج منع نامي جي هاءِ ڪورٽ جي ڪاپي ڏسڻ کانپوءِ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے