20 خميس , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪا به شرط ناهي رکي وئي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته  سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪا به شرط ناهي رکي وئي، سعودي عرب دوري بابت الڳ پريس ڪانفرنس ڪندي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جا رشتا دلين سان جڙيل آهن پاڪستان ۽ سعودي عرب هميشه هڪ ٻئي تي انڌو اعتماد ڪيو. مصيبت ۽ هر ڏکئي وقت ۾ سعودي عرب پاڪستان جي مدد ڪئي، مون کي سعودي عرب جي دوري ۾عمري جي سعادت نصيب ٿي. لاهور ۾ ميڊيا ڪڊني سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته طوفان هجي يا ٻوڏ، زلزلو هجي يا جنگ پر هر موقعي تي سعودي عرب پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سعودي عرب جو اچتو دورو ڪا عجيب ڳالهه ناهي، سعودي عرب ۾ بهترين مهمانوازي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪڊني سينٽر کي ڏينهن رات جي محنت سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، ڪڊني سينٽر جو ٻيون مرحلو هن سال ئي ۾ مڪمل ٿيندو. پاڪستان ۾ گردن جي پيوندڪاري ڏکيو ڪم آهي، گردن جي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن  کي لکين رپين جو خرچ کڻڻو پوندو آهي، ماڻهو لکين خرچ ڪري پرڏيهه علاج ڪرائڻ ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ سئو سيڪڙو مفت علاج ٿيندو ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي پهرين فيز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے