24 آچر , جون 2018

شريف ڀائرن کي ڪنهن به قسم جو اين آر او نه ملندو: بابر اعواڻ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته شير ڀائر عدالت ۾ ٻليون ۽ ٻاهر شينهن آهن، ڪنهن به قسم جي اين آر او کي قبول نه ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته نواز شريف چوندو هو ته انصاف جو فيصلو پاڪستان جي روڊن تي ٿيندو پر لڳي ٿو ته هاڻي سندس فيصلو جدي ۾ ٿيندو. هن چيو ته شريف ڀائرن کي پهريون اين آر او پرويز مشرف ڏنو پر هاڻي ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڪنهن به قسم جي اين آر او کي قبول نه ڪندي، چوري جو مال لنڊن مان واپس پاڪستان ايندو. بابر اعواڻ چيو ته شريف ڀائرن جون سزائون عدالت نه پر مشرف معطل ڪيون. هن چيو ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے