24 آچر , جون 2018

بالي ووڊ خانز جو 2018ع جي اهم ڏڻن تي قبضو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري تي راڄ ڪندڙ خانز عامر خان، سلمان خان ۽ شاهه رخ خان نئين سان جي آغاز ۾ ئي ڏڻن تي قبضو ڪري ورتو آهي. اهي ٽئي خان ڀارتي فلم نگري جا حڪمران تصور ڪيا ويندا آهن ۽ سندن فلمن جو مداحن شدت سان انتظار ڪندا آهن. ٽنهي خانز جي فلمن جي نمائش جي موقعي تي ٻيا وڏا وڏا اداڪار پنهنجي ناڪامي جي خوف کان پنهنجون فلمون ريليز ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. هلندڙ سال بالي ووڊ جي ٽنهي خانز جي ميگا بجٽ فلمون ريليز ٿينديون ۽ خانز 2018ع ۾ عيد“ ڏياري ۽ ڪرسمس جي موقعن تي پنهنجن فلمن جي نمائش جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي فلم “ريس 3” عيد الفطر جي موقعي تي ريليز ڪئي ويندي، جنهن ۾ انيل ڪپور، بوبي ديول، جيڪولين فرنينڊز ۽ ڊيزي شاهه مرڪزي ڪردارن ۾ نظر ايندا. سلمان خان فلم جي ريليز جو اعلان گذريل سال نومبر ۾ ڪري ڇڏيو هو ۽ هينئر تائين ڪنهن اداڪار سلو ڀائي جي “ريس 3” سان گڏ باڪس آفيس تي مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ميگا بجٽ فلم “ٺگ آف هندوستان” ڏياري جي موقعي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ اميتاڀ بچن، ڪترينا ڪيف ۽ فاطمه ثنا شيخ جلوا ڏيکارينديون. شاهه رخ خان به پنهنجي فلم “زيرو” کي ڪرسمس جي موقعي تي ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها فلم 21 ڊسمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے