25 سومر , جون 2018

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي پي ٽي وي حملي سميت چئن ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي پي ٽي وي حملي، ايس ايس پي تشدد ڪيس سميت چئن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي.. اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي خاص جج شاهه رخ ارجمند تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف ايس ايس پي تشدد سميت چئن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي  دوران عمران خان ۽ سندس وڪيل بابر اعواڻ بدران مددگار وڪيل شاهد گوندل عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت عمران خان ۽ بابر اعواڻ کي فوري طور طلب ڪندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. وقفو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو.  ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت عمران خان جي  چئني ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے