21 ہفتہ , اپریل 2018

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي رٿ جمع

ڪوئيٽا( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ حڪومتي بحران سنگين ٿي ويو آهي، وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالدوس بزنجو سيڪريٽري وٽ بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير عبدالقدوس چيو ته گذريل بجيٽ ۾ سندن خدشا هئا جنهن کي ختم نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خدشا ختم نه ٿيڻ سبب سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران بابت ڪابينا ڪميٽيءَ جو اجلاس طلب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے