24 آچر , جون 2018

پهرين فلم يادگار بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڪردار تي محنت ڪري رهي آهيان: صنم چوڌري

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل صنم چوڌري چيو آهي ته پنهنجي فلم ڊيبيو کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪردار تي محنت ڪري رهي آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي صنم چوڌري چيو ته ٽي وي جيان فلم ۾ به جاندار پرفارمنس سان گڏ ڊانس ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدا تياري ڪري رهي آهيان. ان جو وڏو سبب اهو به هو ته گذريل ڪجهه ورهين ۾ اسان جي فلم انڊسٽري جو نئون جنم ٿيو آهي جنهن جو ڪريڊٽ فلم ميڪنگ ۾ نئين آيندڙن جي اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو آهي. انهيءَ ڪري مشهور فلمي ادارا به متحرڪ ٿي ويا آهن تنهن هوندي ميگا بجٽ جي گھڻين ئي فلمن جو آغاز جلدي ئي ٿيندو. صنم چوڌري چيو ته هڪ دور هو جڏهن لاهور فلمي سرگرمين جي حوالي سان مرڪز سمجھيو ويندو هو پر هن وقت ڪراچي ۾ گھڻيون معياري فلمون پروڊيوس ڪيون پيون وڃن. اداڪارا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بالي ووڊ جي مقابلي ۾ پاڪستاني فلمن جي ڪاميابي جو سبب اهو آهي ته اسان جا فلم ميڪر عالمي معيار کي سامهون رکندي فلمون بڻائي رهيا آهن ۽ فلم بين به اهڙيون ئي فلمون ڏسڻ چاهن ٿا. مون لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته فلمي ڪيريئر جو آغاز هڪ پاڪستاني فلم سان ڪري رهي آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بينظير ڀٽو جي زندگي تي فلم، بختاور طرفان مهوش حيات خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے