19 آچر , آگسٽ 2018

ڏکڻ پنجاب ۾ موسمي انفلوئنزا سبب فوتين جو انگ 12 ٿي ويو

ملتان (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ پنجاب ۾ موسمي انفلوئنزا اي ايڇ ون اين ون خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي ان وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي. جڏهن ته موسمي وائرل انفيڪشن انفلوئنزا اي ايڇ ون اين ون ملتان سميت ڏکڻ پنجاب کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هن مهيني ۾ نشتر اسپتال ۾ 37 مريض انفلوئنزا اي ايڇ ون اين ون جي شعبي ۾ رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ 23 مريضن ۾ هن  مرض جي تصديق ٿي آهي  موسمي زڪام۾ مبتلا ٿي هن وقت تائين 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 8 ملتان، هڪ عورت مظفر ڳڙه ۾ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻين علاقئن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿيا. جڏهن ته سال 2014 ۾ موسمي زڪام ۾ مبتلا ٿي 14 مريض فوت ٿيا هئا، ۽ گذريل سال هن وائرس جي سبب 11 مريض جان جي بازي هارائي ويا هئا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وائرس کان  بچڻ  لاءِ ويڪسن ۽ ٻيو دوائون  نشتر اسپتال ڏانهن مهيا ڪري ڇڏيو آهن.۽ انتظاميا به ريد الرٽ جاري ڪندي ڪيترن سرڪاري اسپتالن ۾ بيماري کان آگاهي  ۽ ويڪسن لاءِ ڪائونٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ملتان ۾ موسمي انفلوئنزا جي حوالي سان ميڊيا تي خبر نشر جو نوٽيس وٺندي صحت جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري هيلٿ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته موسمي انفلوئنزا کي روڪڻ لاءِ هن ممڪن قدم کنيا وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

Malaria and Lishmanina took over the Wakai Sarkas in South Waziristan

ڏکڻ وزيرستان ۾ مليريا ۽ ليشمنينا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي

ٽانڪ(ويبڊ يسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ مڇرن جي پيداوار ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ سبب  ليشمينا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے