25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد سلمان سان ملاقات ڪئي آهي. شريف خاندان جي ترجمان موجب سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان شريف ڀائرن جي ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي،  جنهن بعد نواز شريف سعودي ولي عهد جي جهاز ۾ ئي مديني روانو ٿي ويو. ترجمان موجب نواز شريف حضرت محمد صلعم جي روضي تي حاضري ڀري جنهن بعد هو ٻيهر جدي روانو ٿي ويو جتان عمري لاءِ مڪي شريف ويندو. سعودي خاندان جي ترجمان موجب عمري جي ادائيگي کانپوءِ نواز شريف اسلام آباد روانو ٿي ويندو. ٻئي طرف پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے