15 اربع , آگسٽ 2018

آمريڪي صدر پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پاڪستان جو سخت احتجاج، آمريڪي سفير طلب، پنهنجا مفاد بچائينداسين: خواجا آصف

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران اسلام آبادکي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع سال جي پهرين ٽوئيٽ ئي پاڪستان بابت ڪئي جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪئي ته آمريڪا پاڪستان کي گذريل 15 سالن دوران 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي ڪوڙ ۽ دوکي کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو ۽ اسان جي اڳواڻن کي بيوقوف سمجهيو. ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان ۾ جن دهشتگردن کي ڳولهي رهيا آهيون پاڪستان انهن کي محفوظ ٿاڪ ڏيندو آهي پر هاڻ ائين نه ٿيندو. پاڪستان تمام ٿوري مدد ڪئي. هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ ٽرمپ چيو ته اسان هڪ ڀيرو وري آمريڪا کي عظيم بڻائي رهيا آهيون ۽ اهو تمام تيزي سان ڪريون پيا جو ٻيا سوچي به نه ٿا سگهن، ملڪ مضبوط ٿي رهيو آهي ان موقعي تي پنهنجي دوستن، حامين دشمنن، نفرت ڪندڙن، ڪوڙي ۽ بي ايمان ميڊيا کي نئين سال جون مبارڪون چوان ٿو. هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ ٽرمپ ايران تي تنقيد ڪندي چيو ته ايران ۾ ڪلاڪن جي بنياد تي انساني حق لتاڙيا پيا وڃن. انٽرنيٽ جي بندش سٺي ڳالهه نه آهي، اتي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نظر آهي، حڪومت تبديل ٿيڻ گهرجي.113041

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ افغانستان ۾ ناڪامي تي مايوس آهي. هن 33 ارب ڊالرن ۾ اها رقم به شامل ڪئي جيڪا افغانستان ۾ جنگ ۾ مدد طور ڏني وئي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان آمريڪا کي اڳ ۾ ئي ”نو مور“ چئي چڪا آهيون، ٽرمپ جي نو مور جي ڪا به اهميت نه آهي. آمريڪا جي ڏنل رقم جي پائي پائي جو سرعام حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي تي صدر ٽرمپ مايوس آهي. آمريڪا فوجي طاقت بدران طالبان سان ڳالهيون ڪري. هن چيو ته ٽرمپ پاڪستان کي مليل رقم ۾ افغانستان ۾ ٿيل اسان جي خرچ ۽ اتحادي سپورٽ فنڊ جي رقم به شامل ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ناڪامي کي ورجايو پيو وڃي. فوجي طاقت سان افغان مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته ڊرون حملا ٿيا ته اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن جو تحفظ پيا ڪريون ڪنهن ٻئي جو نه، هن نواز شريف ۽ شهباز  جي سعودي عرب جي دوري بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خواجه آصف چيو ته اسان ٽرمپ جي ٽوئيٽ جو جواب تمام جلد ڏينداسين ته جيئن دنيا کي سچ جي خبر پوي ۽ حقيقت ۽ افساني ۾ فرق پڌرو ٿي پوي.ٻئي طرف آمريڪي صدر جي بيان تي پاڪستان سخت احتجاج ڪندي آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪندي صدر ٽرمپ جي بيان جي وضاحت طلب ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nab Lahore Shahbaz Sharif took away again

جمهوريت جي ٻيڙي ڪن ۾ آهي، ڌانڌلي سٽيل چونڊن سان قومي نقشو بگڙي سگهي ٿو: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے