24 منگل , اپریل 2018

سنڌ جي 65 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم هجڻ جو اعتراف، جر به خراب پيو ٿئي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار سنڌ جي 65 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ لاءِ پاڻي فراهم نه ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب صرف 35 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو پاڻي ملي پيو. سنڌ حڪومت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ذريعي 16.567 ملين آباديءَ کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري رهي آهي جيڪو 35 سيڪڙو بڻجي ٿو، جڏهن ته ان جي ڊرينيج واريون رٿائون 12.513 ملين جو احاطو ڪري پئي جيڪا آباديءَ جو 40 سيڪڙو بڻجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت لڳاتار چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي وارو وزير فياض ٻٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري پي ايڇ اِي تميزالدين کيڙو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بابت هڪ نهايت اهم ادارو آهي ۽ اهو نيڪاليءَ جي سهولت جي فراهميءَ جو به ذميوار آهي. وڏي وزير صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري پي ايڇ اِي کي هدايت ڏيندي چيو ته اوهان (پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو) صوبي جي ماڻهن جي وسيع مفاد ۾ اهو ڪندا آهيو ٻيو ته اوهان وٽ وسيع نيٽ ورڪ ۽ اسڪيمون آهن. سيڪريٽري پي ايڇ اي تميزالدين کيڙو چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي موجوده اسڪيمن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي مقصدن لاءِ پاڻيءَ مجموعي مقدار 340 ايم جي ڊي آهي جنهن مان 122 ايم جي ڊي جر جو پاڻي آهي ۽ باقي 218 ايم جي ڊي سرفيس واٽر آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته جر جي پاڻيءَ جي مقدار ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي ۽ ان جي معيار جي چڪاس ڪرڻ آهي. سيڪريٽري پي ايڇ اي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت صوبي جي 16.567 ملين شهري ۽ ٻهراڙيءَ واري آبادي کي پاڻي مهيا ڪري رهي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ جيڪي آباديءَ جو 53 سيڪڙو آهن. اهڙي ريت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڊرينيج نيٽ ورڪ بڻايو آهي جيڪو 12.513 ملين آبادي جو احاطو ڪري ٿو جيڪو صوبي جي مجموعي آبادي جو 40 سيڪڙو بڻجي ٿو. واضح رهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا سندن ڊرينيج ۽ پاڻيءَ جي فراهميءَ جا ادارا آهن انڪري انهن جون سهولتون شمار يا شامل نه آهن. هن چيو ته نئين آدمشماريءَ مطابق صوبي جي مجموعي آبادي 47.885 ملين آهي ان ۾ 24.91 ملين يا 52 سيڪڙو شهري آهي ۽ 22.975 ملين يا 47.98 سيڪڙو ٻهراڙي آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو 31.243 ملين آباديءَ کي خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو سنڌ جي مجموعي آباديءَ جو 24 سيڪڙو بڻجي ٿو. صوبائي وزير پاپوليشن فياض ٻٽ چيو ته هڪ مٺي پاڻيءَ جو زون آهي جتي 148 اربن واٽر سپلاءِ اسڪيمون بشمول 13 آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن انهن ۾ گهوٽڪي ۾ ٻه اسڪيمون، سکر ۾ 4، خيرپور ۾ 22، نوشهرو فيروز ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 7، لاڙڪاڻي ۾ 7، شڪارپور ۾ 7، جيڪب آباد ۾ 7، قمبر ۾ 7، ڪشمور ۾ 3 ۽ دادو ۾ 8 اسڪيمون آهن. 4 آر او پلانٽ قمبر کي ڏنا ويا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته 184 واٽر سپلاءِ اسڪيمون بشمول 13 آر او پلانٽ جي ذريعي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 1.922 ملين آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جر جي پاڻي جو معيار مٺي پاڻيءَ جو زون آهي جيڪو خراب ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ الڳ اپاءَ وٺڻا پوندا ته جيئن ان جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. شهري وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جون اسڪيمون جتي آر او پلانٽ آهن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته بدين ۾ 18 پاڻيءَ جون اسڪيمون آهن جن ۾ 6 آر او پلانٽ شامل آهن، حيدرآباد ۾ 2 اسڪيمون، ڄام شورو ۾ 6، ميرپورخاص ۾ 7، مٽياري ۾ 7، سجاول ۾ 5، سانگهڙ ۾ 14، ٺٽي ۾ 6، عمرڪوٽ ۾ 11، ٽنڊي محمد خان ۾ 3، ٽنڊي الهيار ۾ 6، ٿرپارڪر ۾ 6 آهن. ان علائقي جي آبادي 7.9 ملين آهي. سيڪريٽري پي ايڇ اي تميزالدين کيڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي پاڻيءَ جي فراهمي بابت ٻڌايو ته گهوٽڪيءَ جون 33 اسڪيمون آهن، سکر جون 58 بشمول 7 آر او پلانٽ، خيرپور 19، نوشهروفيروز 19، شهيد بينظير آباد 61، لاڙڪاڻو 21، شڪارپور 28 بشمول 8 آر او پلانٽ، جيڪب آباد 68، قمبر 119 ۽ ڪشمور 50 بشمول 29 آر او پلانٽ، دادو 147 بشمول 83 آر او پلانٽ، حيدرآباد 93 بشمول 48 آر او پلانٽ، ڄامشورو 219 اسڪيمون بشمول 99 آر او پلانٽ، ڪراچي 137 بشمول 63 آر او پلانٽ، ميرپورخاص 165 بشمول 43 آر او پلانٽ، مٽياري 79 اسڪيمون بشمول 55 آر او پلانٽ، سجاول 54 بشمول 43 آر او پلانٽ، سانگهڙ 199 بشمول 106 آر او پلانٽ، ٺٽو 170 بشمول 84 آر او پلانٽ، عمرڪوٽ 148 بشمول 53 آر او پلانٽ، ٽنڊو محمد خان 75 بشمول 51 آر او پلانٽ، ٽنڊو الهيار 97 بشمول 64 آر او پلانٽ ۽ ٿرپارڪر 786 اسڪيمون بشمول 703 آر او پلانٽ شامل آهن. اهڙي ريت 1507 آر او پلانٽ ۽ 800 پاڻيءَ جي فراهميءَ جون رٿائون (جر ۽ درياهه جو پاڻي) صوبي جي شهري علائقن جي 8.645 ملين کي مهيا ڪئي وئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي شهري علائقن ۾ گهوٽڪي ۾ 8.474 ايم جي ڊي ڊرينيج جون 6 اسڪيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سکر ۾ 13.026 ايم جي ڊي جون 6 اسڪيمون، خيرپور ۾ 16.319 ايم جي ڊي جون 22 اسڪيمون، نوشهروفيروز ۾ 7 ايم جي ڊي جون 11 اسڪيمون، شهيد بينظير آباد ۾ 10.299 ايم جي ڊي جون 10 اسڪيمون، لاڙڪاڻي ۾ 16.354 ايم جي ڊي جون 7 اسڪيمون، شڪارپور ۾ 6.368 ايم جي ڊي جون 7 اسڪيمون، جيڪب آباد ۾ 6.240 ايم جي ڊي جون 5 اسڪيمون، قمبر ۾ 6.501 ايم جي ڊي جون 9 اسڪيمون، ڪشمور ۾ 5.326 ايم جي ڊي جون 7 اسڪيمون، دادو ۾ 8.068 ايم جي ڊي جون 8 اسڪيمون، بدين ۾ 9.3 ايم جي ڊي جون 12 اسڪيمون، حيدرآباد ۾ 0.304 ايم جي ڊي جون 2 اسڪيمون، ڄام شوري ۾ 3.017 ايم جي ڊي جون 6 اسڪيمون، ميرپورخاص ۾ 10.2 ايم جي ڊي جون 6 اسڪيمون، سجاول ۾ 4.69 ايم جي جون 7، سانگهڙ ۾ 12.582 ايم جي ڊي جون 14 اسڪيمون، ٺٽي ۾ 4.188 ايم جي ڊي جون 5 اسڪيمون، عمرڪوٽ ۾ 4.138 ايم جي ڊي جون 8 ، ٽنڊو محمد خان ۾ 3.381 ايم جي ڊي جون 3 اسڪيمون، ٽنڊي الهيار ۾ 4.627 ايم جي ڊي جون 6 اسڪيمون ۽ ٿرپارڪر ۾ 1.615 ايم جي ڊي جون 6 اسڪيمون شامل آهن. اٽڪل 948 ڊرينج اسڪيمن ٻهراڙيءَ لاءِ آهن جنهن ذريعي 4.793 ملين آبادي جي 91.334 ايم جي ڊي گندي پاڻي جي نيڪالي ڪئي ويندي آهي جن جا تفصيل اهڙي ريت آهي، بدين لاءِ 0.981 ايم جي ڊي جون 30 اسڪيمون، حيدرآباد لاءِ 1.192 ايم جي ڊي  جون 28 اسڪيمون، ڄام شوري لاءِ 1.795 جون 15، ڪراچي لاءِ 9.436 ايم جي ڊي جون 41، ميرپورخاص لاءِ 11.676 ايم جي ڊي جون 29، مٽياري لاءِ 28.590 ايم جي ڊي جون 42، سجاول لاءِ 0.225 ايم جي ڊي جون 7، سانگهڙ لاءِ 1.732 ايم جي ڊي جون 43، ٺٽي لاءِ 0.652 ايم جي ڊي جون 9، ٽنڊو محمد خان لاءِ 1.203 ايم جي ڊي جون 15، ٿرپارڪر لاءِ 0.020 ايم جي ڊي جي هڪ، گهوٽڪي لاءِ 2.595 ايم جي ڊي جون 48، سکر لاءِ 2.249 ايم جي ڊي جون 43، خيرپور لاءِ 6.567 ايم جي ڊي جون 168، نوشهروفيرو لاءِ 4.077 ايم جي ڊي جون 62، شهيد بينظير آباد لاءِ 3.590 ايم جي ڊي جون 76، لاڙڪاڻي لاءِ 3.824 جون 86، شڪارپور لاءِ 3.966 ايم جي ڊي جون 72، جيڪب آباد لاءِ 0.848 ايم جي ڊي جون 22، قمبر لاءِ 2.851 ايم جي ڊي جون 52، ڪشمور لاءِ 0.339 ايم جي ڊي جون 6 ۽ دادو لاءِ 2.222 ايم جي ڊي جون 39 اسڪيمون شامل آهن. وڏي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ڊرينج جي وسيع نيٽورڪ ۽ خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس اطلاع آهن ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي مختلف اسڪيمن کي ٻيهر بحاليءَ جي ضرورت آهي ان تي صوبائي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي چيو ته هن 1671 اسڪيمون جي اوو هالنگ لاءِ تجويز ڪيون آهن. هن چيو ته سندس کاتي 2225 پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي جي اسڪيمن جو پلان جوڙو آهي جنهن تي 97 بلين رپيا لاڳت ايندي ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم ڪيو وڃي ۽ سمري منظوريءَ لاءِ کين موڪلي وڃي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 51 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل(م ڊ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ووٽر رجسٽريشن  آفيس ڀرسان ٿيندڙ آپگهاتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے