24 آچر , جون 2018

قادري موجوده دور جو نوابزادو نصرالله قرار، ڏسنداسين حڪومت ڪيئن ختم ڪريون: آصف زرداري

لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي چيو آهي ته سعودي عرب ۾ شهزادي ڪرپشن جي الزام هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي پڪڙيو ويو. اتي ڪرپشن جي خلاف مهم هلي رهي آهي ٿي سگهي ٿو شريف ڀائرن سان سعودي ۾ ڪو مسئلو آهي. هن چيو ته ميان ڀائرن جي سعودي ۾ موجودگي بابت ٽن چئن قسمن جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اتي اين آر او هلي رهيو آهي يا ڪفيل کي بچائڻ لاءِ ويو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي احتجاج ۾ شرڪت بابت فيصلو سندس پارٽي ڪندي، جيڪو پارٽي چيو اهو ڪيو ويندو، جڏهن ته طاهرالقادري موجوده دور جو نوابزاده نصرالله آهي. هن وڌيڪ اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف ۾ ايترو ئي دم آهي ته ٻاهرين ملڪ جهمر هڻڻ بدران پاڪستان ۾ اچي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي مملڪتي وزير سميت 9 اميدوار 5 ڪڙور رپين جا قرضي نڪتا

فيصل آباد (م ڊ) پنجاب ۾ ن ليگ جي اڳوڻي مملڪتي وزير راڻا افضل سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے