17 اربع , جنوري 2018

ڪمند جو اگهه نه ڏيڻ تي ٻن شگرملن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي، پاسما کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسنر اشرف جهان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪمند جو اگهه مقررنه ڪرڻ جي خلاف توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران النور ۽ خيرپور شگر ملن جي مالڪن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي چيو ته عدالتي حڪم جي پڃڪڙي ڇو ڪئي وئي .جڏهن ته شگر مل مالڪن جي تنظيم پاسما ۽ ڪين ڪمشنر کي به نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته پاسما ٻڌائي ته شگر ملون ڇو بند ڪيون ويون آهن ۽ ڪين ڪمشنر رپورٽ ڏي ته شگر ملن جي صورتحال ڇا آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت  ۾ ٻڌڻي دوران انسپڪشن ٽيم جي ميمبر ٻڌايو ته اسان کي 172ريٽ کي ڏسڻو آهي، اسان کي شگرمل بند ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي جو اختيار نه آهي. هن چيو ته اسان کي ٻه شگرملن جي حوالي سان شڪايتون مليون جيڪي 172  رپين کان گهٽ اگهه ڏئي رهيون آهن، جاچ کان پوءِ هڪ شگر مل کي بند ڪيو ويو آهي .درخواست گذار ايڊووڪيٽ مريدعلي شاهه چيو ته 21 ڊسمبر 2017ع ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته آبادگارن کان 172 رپين جي ريٽ ۾ ڪمند خريد ڪيو وڃي .حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو هو ته هفتي ۾ حلف ناما جمع ڪرايا وڃن .پر  هو ڪمند خريد ڪرڻ جي بجاءِ شگر ملون بند ڪري رهيا آهن ۽ آبادگارن کي هراسان به ڪري رهيا آهن .آبادگارن جي نمائندي جو چوڻ آهي ته اسان ڪين ڪمشنر کي شڪايتون به ڪيون آهن، پر اسان کي لڳي ٿو ته سنڌ سرڪارپاسما سان ملي وئي آهي .هن چيو ته ڊسمبر به ختم ٿي ويو آهي .اسان جو 60 ڪروڙ جو ڪمند موجود آهي، جيڪو خراب ٿي ويندو .هن چيو ته آبادگارسخت پريشان آهن.063041

سنڌ ۾ ملون نه هليون، حڪومت ۽ آبادگارن ۾ ڳالهيون ناڪام، 8 جنوري تي هٽڙي ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي/ حيدر آباد/ سکر ( نمائندا ) سنڌ ۾ ڪمند جي سرڪاري اگهه سميت ملون کولڻ واري فيصلي تي عمل نه ٿيو، آبادگارن ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ناڪام 8 جنوري تي هٽڙي وٽ ٻيهر ڌرڻي جو اعلان سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير سهيل انور سيال ۽ سنڌ جي آبادگار تنظيمن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي ڪالهه جيم خانه حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو پڻ موجود هو، جڏهن ته آبادگار تنظيمن مان سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي، سيد محمود نواز شاهه، ايوان زراعت سنڌ جي صدر قبول محمد کٽياڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آبادگارن صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، آبادگارن چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عملدرآمد نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن تي صوبائي وزير سهيل انور سيال آبادگارن چيو ته آبادگارن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪي شگرملون بند ٿيون آهن، انهن کي ٻن ڏينهن اندر چالو ڪرايو ويندو، جيڪا شگرمل چالو نه ٿي ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته آبادگارن ۽ صوبائي وزير جي وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي ٿيل گڏجاڻي ٻيهر بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي ۽ ان بعد آبادگار اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شگرمل مالڪ من ماني ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ حڪومت ۽ عدالتي فيصلي کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته شگرمل مالڪن ڪمند وٺڻ بجاءِ ملون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب آبادگارن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن ملون چالون نه ٿيون ۽ مقرر ڪيل اگهه نه مليو ته اسان هر صورت ۾ ڌرڻو هڻنداسين. هنن اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ 8 جنوري تي هٽڙي باءِ پاس ٿي پرامن ڌرڻو هنيو ويندو. ميرپور خاص ۾ 5 ڊسمبر تي آصف علي زرداري جي جلسي دوران آبادگارن پاران احتجاج ڪرڻ واري ڏنل ڌمڪي کانپوءِ ٻن صوبائي وزيرن پاران آبادگارن سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هاڻ سنڌ حڪومت ڪين ڪمشنر کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته آبادگارن صوبائي وزير سهيل انور سيال اڳيان ڪين ڪمشنر جون شڪايتون ڪيون، جنهن دوران صوبائي وزير آبادگارن کي يقين ڌياني ڪرائي ته سندن شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اهي افواهه به هلڻ لڳا آهن ته آبادگارن جي رضامندي لاءِ صوبائي حڪومت ڪين ڪمشنر کي پڻ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.،فيض گنج ۾ ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن يامين چانگ، صوفي غلام مصطفي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪمند جا ٻوڙا هٿن ۾ کڻي پڪاچانگ لڳ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي پهچي احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب مهراڻ نيشنل هاءِ وي تان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، آبادگارن حڪومت ۽ مل مالڪن خلاف شديد نعريبازي پڻ ڪئيگمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي خيرپور ضلعي جي آبادگارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو، هزارن جي انگ ۾ گاڏيون بيهجي ويون، ڪوبه سرڪاري ڪامورو يا حڪومتي نمائندو ڌرڻي واري هنڌ نه پهتو. ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جي ڌمڪي. تفصيل موجب گمبٽ ۾ خيرپور ضلعي جي هزارين آبادگارن جو پنهنجي مطالبن جي مڃتاءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به گمبٽ باءِ پاس وٽ قومي شاهراه تي ڌرڻو جاري رکيو ويو. آبادگارن جو مطالبو آهي ته شگر ملز کولرائي حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا في مڻ تي عمل ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويندو. ڌرڻي سبب ڪراچي کان پنجاب ۽ ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏيون قومي شاهراهه تي بيهجي ويون آهن ۽ مسافرن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ آبادگار اڳواڻن لعل بخش سيال، جمال محمود کهڙو ، چوڌري اصغر هونڌل، چوڌري فقير حسين، محمد پنجل کهڙو، مير ڪمال ٽالپر، ناياب سرڪش، مجيب کهڙو، وحيد سنڌي ۽ ٻين چتاءُ ڏنو آهي ته سڀاڻي (اڄ) شام تائين جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻئي مرحلي ۾ ريلوي ٽريڪ به بند ڪيو، سانگهڙ شگر مل خلاف شهدادپور جا آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا، سوين آبادگارن ريلوي اسٽيشن کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ شگر ملز خلاف سخت نعريبازي ڪئي، آبادگارن اڳواڻ يار محمد لغاري، ذوالفقار علي زرداري، فهد خان وساڻ، انور علي چانڊيو، نياز بوزداڻي ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ شگر ملز جي روئي سبب تعلقي شهدادپور ۾ معاشي بحران جنم ورتو آهي ۽ آبادگارن کي روڊن تي آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. هنن چيو ته آبادگارن کان ڪمند وٺڻ بدران انهن کي معاشي طور تباهه ڪيو ويو آهي،  مٽياري شگر مل گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهن، جنهن سبب ڪمند جو فصل هڪ طرف سڪي رهيو آهي، ٻئي طرف آبادگار نئون ڪمند جو پوکيل فصل کيڙائي رهيا آهن، نئي ڪمند تي ڪيل خرچ آبادگارن جي ڳچي ۾ پئجي ويو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي گهر ڪئي آهي ته حڪومت تمام شگرملز کي چالو ۽ ڪمند جي آبادگارن کي پنهنجي فصل جو مناسب اگهه ڏئي ڪري انهن جو معاشي قتل بند سرڪاري اگهه182 روپيا في مڻ تي عمل درآمد ۽ مل مالڪن جي ناجائز ڪٽوتيون ختم ڪري حڪومت پنهنجي رٽ بحال ۽ آبادگارن ۾ پکڙيل بي چيني کي ختم ڪري. آبادگارن سان اظهار يڪجهتي ۽ حڪومتي بي حسي خلاف جماعت اسلامي طرفان اڄ 2 جنوري تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباء آڊيٽوريم ۾ پريس بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي صوبائي نائب امير محمد عظيم بلوچ ،نائب قيم ڪاشف شيخ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا.ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي وڌيڪ چيو ته شگرملز مالڪن جي هڪ هٽي هجڻ جي ڪري لڳي ٿو ته سنڌ ۾حڪمراني ئي انهن  مل مالڪن جي هلي رهي آهي، آبادگار معاشي طور سخت پريشان بروقت ملون نه هلڻ ڪري لکين ٽن ڪمند سُڪي چڪو آهي جنهن ڪري آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ جي پوک واري مُند به نڪتي پئي وڃي جنهن ڪري ايندڙ سال ڪڻڪ جي قلت جو پڻ خطرو آهي. هن چيو ته 70 فيصد  آبادي زراعت جي شعبي سان وابسته آهي پر حڪومت جي غلط پاليسين توڙي عدم دلچسپي ڪري سنڌ جو آبادگار ۽ زراعت تباهي جي ڪناري تي آهي. ڏهرڪي ۽ اٻاوڙو تعلقي جي ڪمند جي آبادگارن جون الائينس شگر ملز انتظاميه سان آخري ڳالهيون ڊيڊ لاڪ ۾ پئجي ويون آهن. جنهن بعد هتان جي آبادگار اڳواڻ انٿظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ ٻيهر احتجاج جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ آبادگار ڌر جي اڳواڻ ميان منظور احمد قادري، عبدالمجيد گرگيج ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر اٻاوڙو جي آفيسر اندر ڊي ايس پي اٻاوڙو جي موجودگي ۾ اسان جون الائينس شگر ملز انتظاميه سان ڳالهيون ڪرايون ويون. جنهن دوران الائينس شگر ملز انتظاميه ڪمند جو اگهه سرڪاري اگهه ڏيڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي نه ڪرڻ جي ايگريمنٽ ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب جي ڪمند جي خريداري کي سنڌ جي ڪمند تي ترجيح ڏيڻ جي مامري تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. هنن چيو ته الائينس شگر ملز ۽ انتظاميه جو چوڻ آهي ته الائينس شگر مل کي 70 سيڪڙو پنجاب جو ڪمند خريد ڪرڻو آهي جڏهن ته 30 سيڪڙو ڪمند علائقي واسين جي آبادگارن کي خريد ڪيو ويندو. جڏهن ته اسان جو موقف آهي ته الائينس شگر مل انتظاميه جو ڪمند جي خريد وارو نظام اسان کي قبول ناهي. هنن چيو ته پنجاب جو ڳچ ۽ سنڌ جو ٿورو ڪمند خريد ڪرڻ ان وقت صحيح هو جڏهن اٻاوڙو ۽ ڏهرڪي ۾ ڪمند تمام گهٽ پوکيو ويندو هو. هاڻي علائقي ۾ ڪمند ايتري تي پيدوار ٿي آهي جو الائينس شگر مل مقامي آبادگارن کان 80 سيڪڙو ڪمند خريد ڪري سگهي ٿي.

سنڌ ۾ڪمند جي آبادگارن سان ظلم ٿي رهيو آهي:خورشيد شاهه

ٽنڊوآدم( ت ر  ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن سان ظلم ٿي رهيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب آبادگارن کي ڪمند جو اگهھ 182 روپيا في ملڻ ملڻ گهرجي آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي چوندس ته اسين ڪمند جي برآمد تي جيڪا 15 روپيا في مڻ سبسڊي ڏيڻي آهي اها آبادگارن کي ڏني وڃي، اهڙو اظهار هن ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي ننهن، پ پ اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جي ڀائيٽيءَ ۽ پ پ پ ضلع سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري جهانگير جوڻيجو جي ڀيڻ جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪرڻ بعد مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف زرداري جون سنڌ ۾ رڳو 3 شوگر ملز آهن باقي شوگر ملز اومني گروپ جون آهن، جنهن ۾ هو رڳو حصيدار آهي، خورشيد شاھ چيو ته اسان کي سعودي عرب جي لاءِ احترام آهي پر ملڪ جا فيصلا ملڪ ۾ ۽ پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن هن چيو ته نواز شريف جڏهن واپس ايندو پوءِ خبر پوندي ته مسئلو ڇا آهن، هن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي جي  متاثرن کي جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ موجب انصاف ملڻ گهرجي، خورشيد احمد شاھ چيو ته اي پي سي ۾ پ پ جي موجودگي مان اهو نه سمجهيو وڃي ته اسان ڪنهن به غير جهموري عمل جو حصو ٿينداسين هن چيو ته اسين وقت کان اڳ چونڊن جي حق ۾ ناهيون ۽ مون کي عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر اچن پيو، پرويز مشرف جي تازن بيانن بابت هن چيو ته پرويز مشرف پاڻ کي بچائڻ لاءِ الزام هڻي رهيو آهي، هن چيو ته مشرف محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث آهي، هن واقعي وارو هنڌ ڌوئاري شاهديون ختم ڪرائي ڇڏيون، خورشيد شاھ چيو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث ڪيترا جوابدار ماريا ويا آهن ڪي لڪي ويا آهن ۽ محترمه شهيد بينظير جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي  اسان کي عدالت  مان اميد آهي ته اسان کي انصاف ملندو.

آبادگارن لاءِ چار سال ڏکيا آهن، اڃا مهانگائي وڌندي: پيرپاڳارو

ڏهرڪي ( رپورٽ اعظم سهرياڻي )  پير پاڳاري چيو آهي ته پنهنجي ملڪ ۽ فوج ۽ عدليه ۽ جماعت لاءِ هر وقت دعائون گھرندا رهو ،پاڪستاني فوج جي محنت ۽ قربانين جي ڪري اڄ اوهان آزاد آهيو،اوهان جي ڪري پاڪستان جي فوج دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي جنهن جي ڪري اوهان امن امان ۾ آهيو، خاص طور تي پنهنجي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي وڌيڪ توجهه ڏيو، جيڪڏهن نياڻين کي تعليم هوندي ته اهي اڳتي وڌي پنهنجي گهر۽ پنهنجي مٽ مائٽن کي سنڀاري سگھنديون، پاڪستان 80 سيڪڙو زراعت تي قائم آهي پر بد قسمتي سان حڪمرانن پاڪستان جي زراعت کان توجھ ختم ڪري ڇڏي آهي،گذريل سال سرڪار هارين کان ڪڻڪ نه ورتي هاڻي وري ڪمند جا آبادگارتمام گھڻي مشڪل ۾ آهن ، ڏيڍ سال کان ٻڌائيندو رهيو آهيان ته ڪڻڪ جا آبادگار مشڪل ۾ هوندا ۽ ائين ئي ٿيو آهي اڃا ايندڙ چار سالن تائين ڪمند جا آبادگار مشڪل ۾ هوندا، فنڪشنل ليگ جي سربراهه صبغت الله شاه پير پاڳاري تعلقي ڏهرڪي جي ٻين دعوت شير محمد ساڏورجو ۾ خطاب ڪندي چيو ته اڳتي مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪندي تنهن ڪري فضول خرچي کان پاسو ڪريو ،آمدني مان ڪجھه حصو بچائي رکو ته جيئن مشڪل وقت ۾ ڪم اچي سگھي،11

خيرپور ۽ نواب شاهه جي زمين بااثر خريد ڪري رهيو آهي: ڪرم علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت هميشه هر ڪم جو ڏوهه وفاق تي ڏيندي آهي  هتي سدائين سنڌ ڪارڊ ۽ بينظير ڪارڊ استعمال ڪيو ويندو آهي سنڌ جي عوام کان جذباتي لاڳاپي تحت يا وري ڌمڪائي ووٽ ورتو ويندو آهي ايوب جي حڪومت 50 پيسا کنڊ اگهه وڌائڻ سبب هلي وئي هي سنڌ حڪومت به ڪمند جي بحران ۾ لڙهي ويندي وڏو وزير آبادگارن کي پنجاب مان ڪمند گهرائڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏي ته پوءِ ووٽ به پنجاب کان وٺي، حڪمران پنهنجي رٽ وڃائي چڪا آهن، اگهه وٺي پوءِ اٿنداسين چاهي ڪجهه به ٿي پوي اهڙن خيالن جو اظهار  سينئر صحافي ڪرم علي شاه ۽ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي اڳواڻ جمال محمود کهڙو عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام اڄ جو سوال ۾ ميزبان ذوالفقار واهوچو سان ڳالهائيندي ڪيو ڪرم علي شاهه  چيو ته  خيرپور ۽ نواب شاه جون زمينون ڪجهه طاقتور شخصيتون وٺنديون پيون وڃن  سنڌ جي حقن لاءِ آواز هميشه قوم پرستن اٿاريو آهي پنجاب ۾ ميٽرو بسون هلي رهيون آهن پر هتي واعدو ڪيل انٽر سٽي بس سروس به سنڌحڪومت شروع ناهي ڪرائي سگهي، اسيمبلين ۾ وڏيرا ويٺا آهن اهي غريبن ۽ هارين جو ڪٿان سوچيندا، خيرپور جي سياسي شخصيتن جي زمينن جون حدون دوڙ ٻانڌي تائين وڃي پهتيون آهن سنڌ تي ابو ظهبي جا حڪمران قابض آهن انهن کي عوام جي ڏکن جي ڪا پرواهه ناهي وفاق به پنهنجون اکيون ٻو ٽي ڇڏيون آهن منهن موڙي ڇڏيو آهي نواز ليگ صوبي ۾ هجي يا وفاق ۾ پر هميشه پنجاب کي ٺاهيندي آهي ڪراچي جي مک پراجيڪٽن جو افتتاح به نواز شريف ڪندو آهي سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جو ڪم به پورو نٿي ڪري سگهي، پروگرام ۾ ڳالهائيندي  جمال محمود کهڙو چيو ته اسانجو روزانو 4 لک مڻ ڪمند تباهه ٿي رهو آهي هن وقت تائين 40 سيڪڙو ڪمند کپي ويندو آهي پر هن سال 10 سيڪڙو به ناهي کپيو، ڪمند جي آبادگارن جو ٽن ڏينهن کان گمبٽ ۾ احتجاج جاري آهي اسان مطالبي جي مڃتا تائين احتجاج ختم نه ڪنداسين هن وقت تائين پيپلز پارٽي جو ڪو نمائندو لڙي به ناهي آيو قومپرست ڌرين کي جس هجي اهي اسان سان گڏ آهن، هن وقت به اسان سان گڏ ويٺا آهن قوم پرستن کي گهرجي پنهنجون نظرياتي صلاحيتون استعمال ڪندي هن احتجاج کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائن، اگر مراد شاهه ڪمند پنجاب کان ٿو وٺي ته ووٽ به هاڻي پنجاب کان وٺي، جيئن ايوب خان کنڊ ۾ لڙهي ويو پيپلز پارٽي جي حڪومت به ڪمند ۾ لڙهي ويندي، ائين ٿو لڳي سنڌ حڪومت مري چڪي آهي چاليهه ڏينهن کان اسان جو ڪو مطالبو ناهي مڃيو ويو.043041

ارسا ملڪ جي مختلف پاڻي ذخيرن مان 20 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪيو

اسلام آباد (اي پي پي) انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ملڪ جي مختلف پاڻي ذخيرن مان 20 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي خارج ڪيو. ارسا جيجاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو درياءَ تي موجود تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1442.04 فوٽ ٿي وئي. ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 600 ڪيوسڪ جڏهن ته اخراج 5 هزار ڪيوسڪ رهيو. جهلم درياءَ تي موجود منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1104.40 فوٽ ٿي وئي جيڪا ڊيڊ ليول کان 64.40 فوٽ بلند آهي. ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 5 هزار 700 ڪيوسڪ جڏهن ته اخراج 5 هزار ڪيوسڪ رهيو. انگن اکرن موجب ڪالاباغ، تونسه ۽ سکر بئراج مان پاڻي جو اخراج ترتيبوار 13 هزار 700، 14 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ 13 هزار 700 ڪيوسڪ رهيو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے