19 اڱارو , جون 2018

پنجاب جو وڏو وزير راحيل شريف جي جهاز ۾ سعودي عرب ويو: اعتزاز احسن

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف کي سعودي عرب  نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف کان ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شريف ڀائرن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته مون کي وزيراعظم بڻايو وڃي جڏهن ته ووٽ نواز شريف ۽ مريم نواز سان آهن. هن چيو ته شهباز شريف هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ڪو کيس وزيراعظم بڻائي پر ووٽ ساڻس نه آهن. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته شريف ڀائر سعودي عرب ۾ ڇا ڪري رهيا آهن. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شهباز شريف راحيل شريف جي جهاز تي سعودي عرب ويو آهي، فوج ۽ عدليه سان گڏ هئڻ جو تاثر پيش ڪيو آهي.  هن چيو ته شهباز شريف رياض مان فون ڪئي ته هو اعليٰ شخصيتن سان ملي رهيو آهي پر هاڻي سعودي عرب وارا به شريف خاندان لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي سعودي عرب وارن نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف سبب پهتو آهي. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف کي چئي رهيو آهي ته هو اڊيالا جيل کي به جاتي امرا بڻائي ڇڏيندو. هن چيو ته مان پ پ جو مستقبل سٺو ڏسي رهيو آهيان، سمورين پارٽين ۾ اختلاف آهن پر پ پ ۾ ڪو به اختلاف نه آهي، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ سٺي ڪارڪردگي آهي. اعتزاز احسن چيو ته طاهر القادري سان سياسي اتحاد نه ڪيو آهي، قيادت شهيدن  جي وارثن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ملاقات ڪئي آهي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀيلن جي آزادي لاءِ عيد ڏهاڙي به بک هڙتالون، مظاهرا، انعام عباسي گهر پهچي ويو

ڪراچي / حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف عيد ڏهاڙن ۾ به احتجاج، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے