21 ہفتہ , اپریل 2018

آمريڪا پئسا پاڻ وٽ رکي، هاڻ ”نو مور“: مخالف ڌر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پ پ ۽ تحريڪ انصاف آمريڪي صدر جا الزا رد ڪندي نومور جو جواب ڏنو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر ٽرمپ جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي چيو ته اسان هڪ شيءَ تي اتفاق رکون ٿا ته هاڻ ” نو مور“.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ هو ته دنيا جي سڀ کان وڏي طاقتور فوج وٽ افغانستان ۾ 16 سالن جي طويل جنگ ۾ ناڪامي کان سواءِ ڏيکارڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو ۽ ايستائين جو اتان عزت سان وڃي به نه سگهيا ۽ جيڪڏهن پاڪستان سان ڀيٽ ڪجي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ انتهائي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. اسد عمر جو چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جو الزام پاڪستان تي مڙهڻ بند ڪري. سندس چوڻ هو ته جيستائين ڊالرن جو تعلق آهي، پاڪستان بيوقوف هو جنهن جي معيشت کي بي پناهه نقصان پهتو ۽ آمريڪا کي هن وقت تائين پنهنجي نالي ماتر امداد جو ڍنڍورو پٽڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هوڏانهن پ پ اڳواڻ شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ تائين نيٽو سپلاءِ لائن تي ٽريفڪ چارج وصول ناهن ڪيا ويندا، ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا پنهنجي امداد پاڻ وٽ رکي. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي ناڪامين جو ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو توهان وضاحت سان ڳالهه ڪيو ته اهو توهان جو جواب آهي. اسان 2011ع کان انهن پناهه گيرن جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پرڏيهي پاليسي کي 4 سال ايئن ئي ڇڏيو ويو، ميدان بلڪل خالي ڇڏيو ويو هو ڪنهن کي به نٿو سونهي ته اڄ جي دور ۾ ڊپلوميسي ۾ اهڙو رويو رکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان 4 سالن تائين آمريڪا ۾ ڪا به لابسٽ مقرر ناهي ڪئي نه وري پرڏيهي وزير رکيو، معافي وارو رويو رکڻ جي ضرورت ناهي دوست ملڪن جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن ۽ هو ڏسي رهيا آهن، اهڙن بيانن کان پوءِ گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

علي جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ مقرري تي حڪومت کان جواب طلب

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ علي جهانگير صديقي کي آمريڪي سفير مقرر ڪرڻ خلاف داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے