17 اربع , جنوري 2018

داد لغاري ويجهو بجلي تارن مان گهر کي باهه، معصوم ڀاءُ ڀيڻ سڙي فوت، الهه تلهه رک

داد لغاري/ جروار (رپورٽ: الهڏنو مهر + خالد بوزدار) داد لغاري ويجهو ڳوٺ نهال گبول ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڪکائين گهر کي باهه معصوم ڀاءُ ڀيڻ پنهجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا، ٻي ڪمري ۾  اگهور ننڊ ۾ ستل ماءُ پيءُ پنجهن جگر جي ٽڪڙن جو دانهن جو آواز نه ٻڌي سگهيا، ٻئي معصوم ٻارڙا سڙي ڪوئلو ٿي ويا، 10 ٻڪريون، اناج، سميت گهر جو سمورو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ماحول سوڳوار بڻيل،علائقي واسي پڻ اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا ، ،معصوم ٻارڙن جي ماءُ پيءُ کي بيهوشي جا دورا، ڪو به ڪامورو متاثر خاندان وٽ مدد لاءِ لڙي نه آيو، خبر موجب داد لغاري ويجهو ڳوٺ نهال گبول ۾ گذريل رات جي آخري پهر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڳوٺاڻي محمد حسن گبول جي ڪکائين گهر کي باهه لڳي وئي جيڪا ڪمري جي فرش تي وڇايل ڪکن کي وڪوڙي کٽن کي لڳي وئي، گهر جي ڪمري ۾ ستل معصوم ڀاءُ ڀينر 5 ساله شاهد ۽ ڏيڍ ساله نياڻي شفيه ڌيءَ محمد حسن گبول دروازو بند هجڻ ڪري ٻاهر نه نڪري سگهيا ۽ ٻئي ڪمري ۾  اگهور ننڊ ۾ ستل ماءُ آمنه ۽ سندس پيءُ حسن گبول پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جون پاڻ بچائڻ واريون دانهون نه ٻڌي سگهيا ۽ ٻئي معصوم ٻارڙا ڪمري اندر سڙي ڪوئلو ٿي ويا ۽ ان سان گڏو گڏ 10 ٻڪريون،اناج ، سميت گهر جو سمورو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، هوڏانهن باهه جا شعلا ٻي ڪمري جي ڇت کي لڳڻ وقت ستل ماءُ پيءُ جاڳي پيا، جن پنهجن ٻچڙن کي ڪوئلو ٿيل ڏسي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري ڏنيون جنهن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا، واقعي سبب علائقي ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي ۽ معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات آمنه ۽ سندس پيءُ محمد حسن گبول کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا ٻارڙن کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف اهڙي هانءُ ڏاريندڙ واقعي ٿيڻ باوجود ڪو به سرڪاري ڪامورو متاثر خاندان وٽ مدد لاءِ لڙي نه آيوآهي، ٻئي طرف واقعي واري هنڌ بيٺل ماڻهن ٻڌايو ته  رات جي آخري پهر ۾ بجلي آئي ته ان وقت شارٽ سرڪٽ سبب بجلي جي تار ٽٽي پئي جنهن مان نڪرندڙ باهه جا شعلا ڪکاون گهرن کي لڳا جتان باهه پوري گهر کي وڪوڙي وئي هنن چيو ته اسان رڙين تي ڀڄي پهتا سين پر ان کان پهريان سڄو ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي هوڏانهن خبر فائل ٿيڻ تائين سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جي ماءُ پيءُ کي هوش نه اچي سگهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے