25 سومر , جون 2018

چونڊ سڌارن خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور، پارليامينٽ سپريم آهي، ان جو قانون ڪيئن رد ڪيون:چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نااهل شخص پارٽي سربراهه بڻائڻ لاءِ جوڙيل چونڊ سڌارن جي ايڪٽ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي نواز شريف ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، چيف جسٽس چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم آهي، ان جو جوڙيل قانون ڪيئن رد ڪيون. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نواز شريف جي پارٽي صدر ٿيڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت نيشنل پارٽي جي وڪيل جي ڪيس ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم درخواست ڪئي ته عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ قانونسازي جو وڏو ادارو آهي، توهان ان جي قانون کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيا آهيو، اسان کي قانون موجب هلڻو آهي. هن چيو ته عدالت کي ايترو سولو نه ورتو وڃي، نوٽيس جو ڪيس ٺاهينداسين ته نوٽيس به جاري ڪنداسين، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ڪيسن ۾ اڄ تائين عدالتن پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون کي رد ڪيو، وڪيل عدالتي فيصلن جا مثال پيش ڪن. هن چيو ته هي سياسي ڪيس آهن، ايئن نه ٿيندو ته درخواست ٿيندي ئي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ 13 ئي درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي نواز شريف سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته ڪيئن ٿا چئو ته نااهل شخص پارٽي سربراهه نه بڻجي. پارليامينٽ جو قانون ان صورت ۾ نظرثاني ڪري سگهون ٿا جڏهن اهو بنيادي حقن هجي. وڪيل فروغ نسيم چيو ته جيڪو شخص اسيمبلي ميمبر نه بڻجي سگهي. اهو پارٽي کي سنڀالي ۽ ٽڪيٽ جاري ڪري، هن چيو ته نواز شريف جو پارٽي سربراهه بڻجڻ باز محمد ڪيس جي عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت چيو ته پارليامينٽ جا جيڪي قانون عدالت رد ڪيا آهن، انهن جا مثال ڏيو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي مملڪتي وزير سميت 9 اميدوار 5 ڪڙور رپين جا قرضي نڪتا

فيصل آباد (م ڊ) پنجاب ۾ ن ليگ جي اڳوڻي مملڪتي وزير راڻا افضل سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے