18 جمعرات , جنوری 2018

هيلٿ الائونس نه ملڻ خلاف اين آءِ سي ايڇ ۾ هڙتال

ڪراچي (رپورٽر ) اين آءِ سي ايڇ جي ملازمن پاران هيلٿ الائونس نه ملڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع، روزانو 2 ڪلاڪن تائين هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪندي ملازمن چيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ هيلٿ الائونس ۾ نظرانداز ڪيو آهي. مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته روڊن تي نڪري اينداسين. ان حوالي سان ڪالهه اين آءِ سي ايڇ جي ملازمن ڊاڪٽرن، پروفيسرن، نرسن ۽ ٻئي هڪ کان 20 گريڊ تائين جي سموري عملي پاران ڊاڪٽر سريش ڪمار، ڊاڪٽر آصف، ڊاڪٽر رضوان، انجنيئر ماجد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران جناح اسپتال سميت ٻين ادارن کي هيلٿ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جناح اسپتال جي عملي سان گڏ اسان جو به ڪورٽ ۾ گڏ ئي ڪيس هلندڙ آهي پر اسان کي خبر ناهي ته ڇو پيو نظر انداز ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان جا مطالبا منظور نه ٿيا ته روزانو جي بنياد تي اسپتال ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي ويندي. ۽ روڊن تي به نڪري اچي پرامن احتجاج جو قدم کڻنداسين. هنن وزيراعليٰ سنڌ کان هيلٿ الائونس جو مطالبو ڪيو ويو آهي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے