21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

سپريم ڪورٽ کي شيخ رشيد جون ڳالهيون تڪراري بڻائي رهيون آهن: راڻا ثناءُالله

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله شيخ رشيد کي فتنو قرار ڏيندي چيو آهي ته عوامي مسلم ليگ سربراهه جي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڳالهه ٻولهه افسوس جوڳي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته شيخ رشيد جون ڳالهيون سپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻائي رهيون آهن، کيس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي. هن چيو ته جنهن کي نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تنهن کي سموري دنيا اهل سمجهي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف مسلم دنيا کي پيش چئلينجز حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. راڻا ثناءَ الله چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو اجايو ڊنل آهن ۽ نواز شريف جي سعودي عرب جي دوري کي غلط معنيٰ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته مخالف وائڙا ٿي ويا ۽ مايوسي جو شڪار آهن، ڪو به شڪ نه آهي ته عمران خان ۽ شيخ رشيد جمهوري نظام تي آپگهاتي حملو ڪندا.  سندس چوڻ هو ته عوام، ڪارڪن ۽ ووٽر نواز شريف سان گڏ آهن، پرويز مشرف خلاف ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، عدالت کي گهرجي ته پرويز مشرف خلاف ڪيس اڳتي وڌايا وڃن، نواز شريف وانگر ٻين جي ڪيسن کي به ساڳي رفتار سان اڳتي وڌايو وڃي. راڻا ثناءَ الله  چيو ته عالمي اگهن موجب پئٽرول جا اگهه گهٽ وڌ ٿيندا آهن، تيل جا اگهه وڌيا اڳتي گهٽ ٿي ويندا. هن چيو ته شهباز شريف ۽ مان شفافيت سان ڪم ڪندڙ ماڻهو آهيون،  ميرٽ موجب ڪم شهباز شريف جي ڪاميابي جو راز آهي. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ ۾ منهنجي خلاف ڪجهه نه مليو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے