25 سومر , جون 2018

نئين ديري لڳ زميني تڪرار تان حملو، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي

نئون ديرو (ن ع آ ) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ سردار ممتاز ڀٽو ۽ سردار اسد کھڙو جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر جھيڙي جي باھ ڀڙڪي اٿي. ھٿيار بند ڪيٽي ڪڙيا ۾ ڪاٺيونوڍيندڙن مٿان حملو ڪيو ۽  ھٿياربند پھچڻ شرط ھٿيارن جا منھن کولي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ ممتاز ڀٽو جي ڌر جا 34 ورھين جو مومن ڪڙيو،37 ورھين جوصدورو ڪڙيو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ناھيد ناريجو ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل ھجڻ ڪري تڙپندو رھيو. فائرنگ جي آواز تي سندن مائٽ پھتا.  ٽن ڪلاڪن بعد زخمين ۽ مقتولن  کي گڏھ گاڏن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تي  کڻي ڳوٺ ٻرڙا آندو ويو، جتي  30 ورھين جو ناھيد ناريجو اسپتال ويندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوال ڪيا ويا ۽ 4 زخمين کي نئون ديرو اسپتال آڻڻ بعد لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ستار ڪڙيو،سھڻو ڪڙيو ، حاتم ڪڙيو، حڪيم ناريجو ۽ گلزارڪڙيو شامل هئا. ھوڏانھن واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. ڪيٽي ممتاز پوليس ۽ ڊي ايس پي ٻن ڪلاڪن بعد پھتا.  جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا. مقتولن جا لاش گڏھ گاڏن ۽ ٽريڪٽر ذريعي ڳوٺ ٻرڙا آندا ويا. مومن ڪڙيو جي ڀاءَ اصغر ڪڙيو ٻڌايو ھي ته اسان پنھنجي ڪڙيا ڪيٽي ۾ ڪاٺيون وڍي رھيا ھئاسين ته کھڙا ڌر جي 10 ھٿيار بندن حملو ڪيو. واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو.  ياد رھي ته 10 سال اڳ ممتاز ڀٽو ۽ اسد کھڙو جي ٻن ڌرين ۾ ڪچي جي زمين جي مالڪي سان جھِيڙو شروع ٿيو، جنھن ۾ کھڙا ذات جا 9 ۽ ممتاز ڀٽو جي ڌر جا 6 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪاآھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The British Magazines left before the PML-N success in the next election

مخالفن کي سياسي فائدو ڏيڻ لاءِ خبر شايع ڪئي وئي: ن ليگ

اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي اخبار جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے