21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

آمريڪي صدر جو جارحاڻو رويو، نئين تڪرار کي جنم ڏيندو!

ذوالفقار واهوچو

آمريڪي صدر ٽرمپ نيئن سال جي آمد تي پنهنجي ٽيوٽ ۾ چيو آهي ته گذريل 15 سالن ۾ آمريڪا پاڪستان کي 33 ارب ڊالر  امداد ڏئي بي وقوفي ڪئي آهي، انهن اسان کي سواءِ ڪوڙ ۽ دوکي جي ڪجهه نه ڏنو آهي ،پاڪستان اسان جي اڳواڻن کي بي وقوف سمجهندو رهيو، اسان جن دهشت گردن کي  افغانستان ۾ ڳوليندا رهيا سين ، هو انهن دهشت گردن کي محفوظ پناھ گاهون مهيا ڪندو رهيو،هاڻ اهو سڀ نه هلندو ، آمريڪا اهو به چيو آهي ته پاڪستان اندران دهشتگردن طرفان آمريڪا کي مستقل خطرو آهي ،ان اڳ به  آمريڪا وقت به وقت پاڪستان تي پنهنجو اهڙو دٻاءُ وجهندو رهيو آهي.

ڪجهه وقت اڳ به آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي پاليسي جاري ڪندي پاڪستان کي دهشت گردن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو چيو هو ، اها پاليسي آڏو اچڻ کانپوءِ آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پينس افغانستان جي دوري  جي موقعي تي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر چيو هو ته هو افغانستان حڪومت خلاف وڙِهڻندڙ  گروپن کي محفوظ پناهگاهون مهيا نه ڪري، اهو به ان چيو هو ته پاڪستان ڊگهي عرصي تائين طالبانن ۽ ٻين دهشتگردن کي  محفوظ پناهون فراهم ڪيون آهن هاڻ اهي ڏينهن گذري چڪا آهن ،جنهن تي پاڪستان آمريڪي نائب صدر جي ان بيان تي سخت تنقيد ڪندي رد عمل ڏيندي چيو ويو هو ته اهو عمل آمريڪي انتظاميا سان  ٿيندڙ تفصيڪي ڳالهين جي ابتڙ آهي،هڪ اتحادي ٻئي اتحادي کي تنبيھه  نٿو ڪري سگهي ، آمريڪي صدر جي ٽيوٽ تي به پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجا آصف  چيو آهي ته ان جو جواب ڏنو ويندو ، جڏهن ته اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاھ محمود قريشي جو چوڻ آهي ته آمريڪا هڪ طرف دهشت گردي واري جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪري ٿو ، اهو به مڃي ٿو ته پاڪستان جاني ۽ مالي تمام وڏي قرباني ڏني آهي ، ته ٻئي طرف پاڪستان تي دهشت گردن جي پٺڀرائي جا الزام مڙهي رهيو آهي ، اهو مناسب رويو ناهي ، پاڪستان پاڻ دهشت گردي جو شڪار آهي ،پاڪستان ضرب عضب ۽ ٻيون ڪارروايون دهشت گردن خلاف ڪري چڪو آهي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير ۽ سينيٽر شيري رحمان آمريڪي صدر جي بيان تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هندستان جو ڏنل بيان آمريڪا جي اندر گھر ڪري ويهي رهيو آهي، اهڙن بيان سان گڏجي هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي،  هن چيو ته دوست ملڪن جا پنهنجا پنهنجا ڏسڻ جا رخ آهن ،پر اسان کي معذرت وارو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي، آمريڪا سان لفظي جنگ وڙهڻ بدران صاف ، واضع ڳالھه رکڻ گهرجي ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي ڳالھه آهي ته اها آمريڪا پاڻ وٽ رکي ،اسان اڄ تائين نيٽو سپلاءِ لائن تي ٽريفڪ چارجز وصول نه ڪيا آهن ، آمريڪا پاڻ مونجهاري جي جو شڪار آهي ان ڪري پاڪستان تي الزام مڙهي رهيو آهي ، ان وفاقي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته گذريل چئن سالن کان پرڏيهي وزير مقرر نه ٿيڻ سبب سفارتي طور تي پاڪستان تمام گهڻو ڪمزور رهيو آهي ، آمريڪا ۾ اسان پنهنجي لابنگ به نه ڪري سگهيا آهيون. آمريڪي صدر جي ان بيان پاڪستان اندر بي چيني کي وڌائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ آمريڪا ايران خلاف به سخت بيان ڏيندو رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن کان ايران اندر هلندڙ احتجاج ۾ تيزي آئي آهي جنهن ۾ هن وقت تائين 10 احتجاجي مارجي چڪا آهن، آمريڪا ان احتجاج جي به حمايت ڪندي ايراني سرڪار تي سخت تنقيد ڪئي آهي ، جنهن تي ايراني صدر پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو آهي ته ايراني عوام کي دهشت گرد  ڪوٺيندڙ ڪهڙي منهن سان  احتجاج جي حمايت ڪري رهيو آهي ، هوڏانهن آمريڪا  اتر ڪوريا تي به پابنديون لڳائي چڪو آهي ،  جنهن جي رد عمل ۾ اتر ڪوريا جي صدر  چيو ته سندس ٽيبل تي ايٽمي بم جو بٽن رکيل آهي ، اتر ڪوريا سان ڪا به هٿ چراند ڪئي وئي ته آمريڪا تي ايٽيمي حملو ڪيو ويندو ان کي عام بيان نه سمجهو وڃي، هن چيو اهو به چيو ته اتر ڪوريا وٽ اهڙي ميزائيل ٽيڪنالاجي آهي جنهن سان آمريڪا تي سولائي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو .

هن وقت پاڪستان خلاف آمريڪا جي تازي جارحاڻي بيان سبب هن خطي ۾ صورتحال وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي، آمريڪا هڪ ئي وقت ٻن اسلامي ملڪن، پاڪستان ۽ ايران کي ڌمڪائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي افغانستان ۽ هندستان سان ويجهڙائي سبب پاڪستان تي ٻنهي ملڪن طرفان وقت به وقت الزام لڳرائي پاڪستان تي پنهنجو دٻاءُ پڻ وڌائي رهيو آهي، هن تازي صورتحال سبب هي خطو ۽ وچ اوڀر  جا سڀ ملڪ تمام وڏي بحران جي ورچڙهي سگهن ٿا ، ان رڳو ايترو پر چين جو سي پيڪ منصوبو به رولڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿو يا چين ان وچ ۾ آيو ته اهو به جنگ جي وڪڙ ۾ اچي معاشي طور تي تمام وڏي گهوٽالي طرف وڌي سگهي ٿو، جيئن هن وقت سعودي ، گڏيل عرب رياستون مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي رهيون آهن يا جنگي جنون سبب هٿيارن جي خريداري سبب ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ اضافا ڪيا آهن ، جنهن سبب انهن ملڪن ۾ مهانگائي اڳئي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي وڌي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ٻين ملڪن مان ڪمائي لاءِ آيل ماڻهو واپس ٿي رهيا آهن ، تنهن ڪري هي حڪمت عملي ايندڙ ڏينهن اندر نوان بحران کڻي سامهون ايندي .

آمريڪي صدر جي  هن نيئن بيان ۽ پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي  مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو پاڪستان خلاف وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، پاڪستان اندر سياسي بحران جي ڪري سرڪار ۽ دفاعي ادارن وچ ۾ به تمام وڏي وڇوٽي پيدا ٿي آهي جنهن جو به آمريڪا فائدو حاصل ڪري رهيو آهي ، ڇاڪاڻ ته وقت جي سرڪار ۽ دفاعي ادارن هڪ پيج تي ناهن ، وقت به وقت سرڪاري ڌر ملڪ اندر جاري سياسي بحران جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي ڏيندي رهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ فوجي ترجمان جا بيان به تمام سخت سامهون ايندا رهن ٿا.

هن وقت ملڪ اندر سياسي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، ملڪ اندر جيڪي صوبن وچ ۾ سياسي ، معاشي اختلاف آهن انهن جو بنا دير نبيرو ٿيڻ گهرجي، سمورين سياسي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي هجڻ گهرجي ته جيئن عالمي قوتن جي دٻاءُ کي منهن ڏئي سگهجي ، هي وقت هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ، الزام مڙهڻ يا وڙهڻ جو نه پر اتحاد ۽ ٻڌي جو آهي ته جيئن آمريڪي جارحيت کي روڪي ۽ منهن ڏئي سگهجي ، ملڪ جيڪڏهن اندروني سياسي بحرانن جي ورچڙهيل هوندو ته ان جو فائدو دشمن قوتن کي پوندو ، آمريڪي صدر جي بيان تي ملڪ جي اهم  سياسي ڌرين  سخت ردعمل ڏنو آهي ، وفاقي پرڏيهي وزير به چيو آهي ته آمريڪا جي ان بيان تي  رد عمل ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته سرڪار چاهي ٿي ته هو ان معاملي تي دوست ملڪن جو ردعمل ڏسي ته اهي ڪهڙو رستو اختيار ڪن ٿا ۽ ملڪ اندر جاري صورتحال کي نظر ۾ رکي هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڇاڪاڻ ته وفاقي سرڪار ان ڏس ۾ دفاعي ادارن جي صلاح کي به وڏي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿي ته اهي ان معاملي کي ڪيئن ڏسن ٿا.

گذريل ڏينهن حافظ سعيد طرفان فلسطين جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ تي هندستان سرڪار سخت ردعمل ظاهر ڪيو جنهن تي بنا دير فلسطين سرڪار پنهنجي پاڪستان ۾ مقيم سفير کي واپس طلب ڪري ورتو هو ، اهو عمل پڻ ظاهر ڪري ٿو ته هن وقت پاڪستان  تمام وڏي سفارتي بحران جو شڪار آهي پاڪستان کي تمام تيزي سان  پنهنجي سفارتڪاري کي بهتر ڪرڻ پوندو ۽ عالمي قوتن کي اهو يقين ڏيارڻو پوندو ته مٿس لڳل الزام بي بنياد آهن ، پاڪستان به دهشت گرد گروھ جي سرپرستي نٿو ڪري ، اهو پاڻ دهشت گردي جو شڪار آهي.

آمريڪا جي پاڪستان ، ايران ۽ اتر ڪوريا خلاف جارحيت نيئن  عالمي بحران کي جنم ڏيندي ، هن وقت روس ، چين ۽ ٻيون عالمي قوتون پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيئن انهن فلسطين جي معاملي تي آمريڪا خلاف ڪردار ادا ڪيو ، شام ۽ ٻين ملڪن اندر جيئن آمريڪي جارحيت کي شڪست ڏني ان ساڳئي نموني  انهن عالمي قوتن کي  پاڪستان ، افغانستان ، ايران ۽ هندستان وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته هي خطو عالمي تجارت لاءِ تمام اهم مارڪيٽ جي حيثيت رکي ٿو هن خطي ۾ آيل عدم استحڪام سڄي دنيا لاءِ مفيد ثابت نه ٿيندو ، تنهن ڪري عالمي برادري آمريڪي صدر ٽرمپ جي هن تازي بيان جو نوٽيس وٺي ۽ هن خطي ۾ مضبوط امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے