17 بدھ , جنوری 2018

جي سائين ! توبن هيءُ جهان

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

عوامي آواز“ ۾ هن سري هيٺ ڪالم شروع ڪرڻ جو ڪارڻ اهو ئي هو ۽ آهي ۽ رهندو ته مان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان اهو سور سلي سگهان ته هتي جيڪو ڪجهه وهي واپري ٿو، جيڪي سياسي يا نظرياتي تبديليون اچن ٿيون ۽ جيڪي حڪمرانيءَ ۽ حاڪميءَ جون ڳالهيون ٿيون، انهن ۾ اسان جو ۽ منهنجي ماروئڙن جو ڪو تر جيترو به تعلق ڪونهي. هيءُ جهان جهڙوڪ اسان کان سواءِ پيو هلي يا اسان هن جهان کان بي نياز، بلڪه اثرانداز ٿي پيا آهيون، ملڪ دنيا جهان ۾ ڇاٿو وهي واپري؟ ڇو ٿو واپري ۽ ڪيئن ٿو واپري؟ اهڙن سوالن  سان جهڙوڪ اسان جو واسطو ئي ڪو نه آهي. ان ڪري اڪثر ڪري پاڻ کي اها خبر ئي ڪو نه ٿي پئي ته ڪوئي اسان جو وڪرو ڪري ٿو، جيڪڏهن وڪرو ٿيون ٿا ته ان جي قيمت اسان ڪونه ٿا اڳاڙيون. بس ! اسان پوکڻ تي آهيون ۽ لڻڻ وارو ڪو ٻيو آهي، هيءُ اسان جي بي حسي ڪانهي پر سادگي آهي، اسان پنهنجو اختيار ڪو نه ٿا هلايون، اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪو نه ٿا ڪيون. ايجنڊا ٻين جي آهي ۽ اسان ان جو هڪ اسم آهيون، انهيءَ ڳالهه هوندي اسان قوميت، مستقبل ۽ پاڻ تان هٿ کڻي چڪا آهيون.

ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري؟ ان تي مون لڳاتار تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، کُليءَ طرح سان چيو اٿم ته شطرنج جي مهرن جي ڇنڊڇاڻ ٿي رهي، مهرا ٻيا آهن ۽ اسان انهن جي پيروي ڪرڻ جا سانڀاها ڪري رهيا آهيون. اسان کي پاڻ مهري ٿيڻ، ڪنهن قسم جي قيادت ڪرڻ جي ڪا پرواهه ئي ڪونهي. جهڙوڪ اسان فرمانبردار معتقد ۽ پوئلڳ ٿيڻ لاءِ ڄاوا آهيون، اسان جا وڏڙا معتقد ٿيندا ۽ اسان معتقد ٿيندڙن جا پوئلڳ ۽ مريد ٿينداسين. اسان جي زندگي جي اها ئي ڪهاڻي آهي.

مون هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته سياسي ڪلچر ۾ جڏهن ڪنهن ڌر يا شخص سان ڳالهائبو آهي ۽ ڪي شرط شروط طئي ڪبا آهن ته پوءِ انهي ڌر يا شخص کي عتاب هيٺ آندو ويندو آهي. انهيءَ حوالي سان مون مسلم ليگ (ن) جو به هڪ کان وڌيڪ مثال ڏنو هو. هن پارٽي اڳواڻن جي ڀلي پار واري ياترا منهنجي اندازن کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ملڪ جي هر ڪا سياسي ڌر انهيءَ ياترا کي ساڳئي ئي نظر سان ڏسي ٿي ۽ چئي ٿي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. ڪا کچڻي پچي رهي آهي ۽ ڪنهن اهم مقصد يا منصب سان لاڳاپجڻ کان اڳ لاڳاپيل ڌرين جا انٽرويو شروع ٿي چڪا آهن. ڪنهن نيلام تي ڏنل واڪ کي ڏٺو ٻڌو ويندو. پوءِ انهيءَ صورتحال جي روشنيءَ ۾ ملڪ جي اقتدار جي واڳ ڏيڻ جا فيصلا ٿيندا. هن پارٽي کان پوءِ اتي يا ڪنهن ٻئي هنڌ ٻين پارٽين جا انٽرويو ٿيندا، واڪ لڳندا ۽ پوءِ ڪي فيصلا ٿيندا.

جيڪڏهن اسان پنهنجي حافظي تي زور ڏينداسين ته پوءِ اهڙي ڏٺي وائٺي ڌرمي ياترا جا کوڙ مثال اسان جي ذهن جي پردي تي اڪري بيهندا. شهيد ڀٽي کان وٺي آمر ضياءَ تائين، ان کان پوءِ وارن حڪمرانن ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ يا ترت پوءِ اهڙيون ياترائون ڪيون. انهيءَ طرف ڪا اهڙي انوکي بازار آهي جتان واعدن ۽ ضمانتن جي ڏوڪڙن تي هن ملڪ جي اقتدار جي ٺيڪيداري يا خريداري ممڪن ٿي سگهي ٿي. هاڻي خريدارن جي ٺيڪيداري يا خريداري ممڪن ٿي سگهي ٿي. هاڻي خريدارن جي خبر ته جهڙوڪ عام ٿي وئي آهي پر آهستي آهستي عوام کي اها به خبر پوندي ته اصل مالڪ ڪير آهي جو اقتدار ٺيڪي تي ڏئي ٿو ۽ وچ وارو ضامن ڪير آهي، جو ٻنهي ڏيندڙ خواهه وٺندڙ ڌرين جي ضمانت ڏئي ٿو؟

هن صورتحال انهي ڳالهه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن ته شايد چونڊون ڪنهن انوکي ڪم جو تجربو ٿينديون آهن ۽ چونڊيل نمائندا ڪيئن ۽ ڇو حڪمراني ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي سوال به اڀرندا آهن ته ملڪ تي حڪمراني ”چونڊيل ماڻهو“ ڪندا آهن يا ”ٿاڦيل نوازيل انسان“ ڪندا آهن؟

ملڪ ڇڏي وڃڻ کان اڳ شهيد بينظير هڪ گڏجاڻيءَ ۾ مون کان پڇيو هو ته ”اسان عوام جا چونڊيل حڪمران آهيون، منهنجو ابو شهيد ڪيو ويو، ڀائر ماريا ويا ۽ مون کي بي گناهه لاٿو ويو پر عوام خاموش ڇو آهي؟ اسان ته عوام سان محبت ڪئي آهي ۽ اوهان جي خدمت ڪئي آهي“. مون کيس وراڻيءَ ۾ چيو هو ته ”عوام اوهان کي محبت ۽ خدمت جا معاوضا ڏنا آهن، اوهان جي والد کي شهيد ڀٽو ڪيو ويو ته ماڻهن پاڻ ساڙيو، اوهان جي ڀائرن کي بي گناهه ماريو ويو ته هزارها گهرن ۾ ڪُنيون ڪونه چڙهيون، باقي عوام جي نمائندگي واري ڳالهه کي مڃڻ ۽ سمجهڻ ۾ مون کي اڃا ٻه ٽي جنم وٺڻا پوندا“. مون وڏي همت ۽ جرئت سان کيس عرض ڪيو ته ”هڪ اڌ چونڊ کان سواءِ باقي سڀ چونڊون، اوهان ۽ ٻين سياستدانن جي چوڻ مطابق لٽيون ۽ اغوا ڪيون ويون آهن، اهڙين چونڊن جي نالي تي حڪمراني ٺيڪي تي ڏني ويندي آهي“.

جن چونڊن ۾ شهيد بينظير ڀٽو هارايو ۽ نواز شريف کٽي آيو، ان کان پوءِ ٻنهي جيڪي بيان ڏنا، اهي اسان جي سياسي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. نواز شريف چيو هو ته الله جو وڏو فضل ٿيو، اسان کي جهڙوڪ فرشتن ووٽ ڏنا. فرشتن کي ڪو ٻيو ڪم ڪو نه هئو، انهن کي ووٽ ڏئي ڄڻ هن پارٽيءَ کي کٽرائڻو هئو! چونڊن واري رات تڏهوڪي صدر غلام اسحاق جي ڏنل بيانن مان نتيجن جي اڳ واٽ پيشن گوئي نه پر پڪ ملي وئي.

ههڙين مذهبي ياترائن ۽ ههڙين چونڊن جي روشنيءَ ۾ اسان ملڪي سياسي ڪلچر، اقتدار ۾ اچڻ ۽ اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ واري مام ڇو نه ٿا پروڙيون؟ انهيءَ صورتحال ۾ اسان پنهنجي سياسي قدبت ۽ عمل دخل جو اندازو ڇو نه ٿا لڳايون؟ اها ڪهڙي ماجرا آهي جو اسان ڪنهن ڪوڙي يا سچي ڊرامي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ڪردار ادا نه ٿا ڪريون پر جيڪڏهن ڪو ڪردار ادا ڪيون ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن شطرنج جي مهري جي پيروي ۽ پيروڪاري ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيون ٿا. اسان هن طلسمي سياسي وايو منڊل ۾ پاڻي ڪٿي آهيون، اهو جهان اسان کان سواءِ ايئن ڇو ٿو هلي؟.

ٿورو وقت اڳ مان هي به لکي چڪو آهيان ته ٺيڪيداري ملڪ ۽ عوام کي وڏي مهانگي پوندي پر جيڪڏهن مطلق حڪمراني هن پارٽيءَ جو نصيب نه ٿي ٿئي ته پوءِ صورتحال جا پير جنهن طرف وڃي رهيا آهن، انهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊن ٿيڻ جي نتيجي ڪا به ڌر يا پارٽي اڪيلي سر حڪمراني ڪرڻ جي لائق نه رهندي ۽ پارٽيون الحاق خواهه اتحاد جي آڌار تي حڪومت ٺاهي سگهنديون.انهيءَ صورتحال ۾ جيڪا به حڪومت قائم ٿيندي، اها پاڻ بچائڻ لاءِ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي حڪمت عمليءَ تي ئي هلندي. جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته پوءِ لوليون لنگڙيون حڪومتون ئي قائم ٿينديون، اڌ ڪاٺ جون هونديون ۽ اڌ لوهه جون هونديون.

هن هيڏي ساري بحث مان جيڪا ڳالهه روز جيان روشن ۽ چٽي ٿي بيهي ٿي اها هيءَ آهي ته هي سڄو سارو سياسي کيل تماشو اقتدار جي جنگ آهي ۽ ان ۾ پري پري تائين عوام نه عوام جو روشن مستقبل يا عوام جي ايجنڊا جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. هن ويڙهاند ۾ ڪن کي پنهنجون خانداني تخت تاج بچائڻا آهن ته ڪن کي مستل طور تي عوام تي حڪمراني ڪرڻ واري واڳ پنهنجي هٿن مان وڃائڻي ڪانهي. هڪ اڌ همرانن وري اهڙي قسم جي اقتدار مان پنهنجي ونڊ وٺڻ يا کسڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. پر سموريون ڌريون جهڙوڪ پلصراط تان گذري رهيون آهن. ڪنهن به پارٽيءَ کي چونڊون ٿيڻ جي آس ته آهي پر الائي ڇو انهن جون دليون ڪنهن اڻ ٿيڻي ۽ اوچتي حادثي جي انتظار ۾ بي چين آهن ۽ کين جهڙوڪ سڪون آهي ئي ڪو نه.

پر جيڪڏهن چونڊون ٿيڻ جو ماحول جڙي پئي ٿو ته پوءِ اسان ان لاءِ پنهنجي تياري ڪهڙي ڪيون ٿا؟ ڇا سنڌ جون سڄاڻ نظرياتي ڌريون سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن ۽ روشن مستقبل لاءِ اهڙو معاهدو مرتب ڪري نه ٿيون سگهن، جيڪو وفاق دوست خواهه سنڌ دوست سياسي پارٽين کي پنهنجي ”چونڊ منشور“ ۾ شامل ڪرائي سگهجي؟ دوستن کي انهيءَ تي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته هي اسان جو جهان آهي ۽ اهو اسان جي ئي مرضيءَ ۽ ضرورت مطابق هلندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے