16 سومر , جولاءِ 2018

ٽرمپ ۽ پاڪستان جي جهيڙي سان نئين سال جي شروعات!

 زرار پيرزادو

  • نئين سال جي پهرين ڏينهن ئي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽويٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان تي سخت تنقيد ڪندي ٻنهي ملڪن جو تڪرار وڌائن سان سال جي شروعات ڪئي آهي.
  • آمريڪي صدر لکيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن ۾ پاڪستان کي دهشت گردي خلاف جنگ ۾ اتحادي هئڻ ناتي امداد طور 33 ارب ڊالر ڏنا آهن ۽ ان عيوض پاڪستان سواءِ ڪوڙ ۽ ڌوڪي جي ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو.
  • ٽرمپ لکيو آهي ته پاڪستان اتحادي هئڻ باوجود طالبان ۽ دهشت گردن جي پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي ۽ آمريڪا کان امداد به وٺندو رهيو آهي پر هاڻي ايئن نه ٿيندو، امداد ڏيڻ وارو عمل بي وقوفي تي ٻڌل هو.
  • ڊونلڊ ٽرمپ جو پاڪستان خلاف ڏنل اهو بيان ڪو پهريون ناهي، هيءُ پهرين ڏينهن کان پاڪستان تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ڏانهن دوستاڻو رويو رکندو رهيو آهي.
  • پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجا آصف پنهنجي ٽويٽ ۾ لکيو آهي ته هو ان پيغام جو جلد جواب ڏيندو، وزيراعظم خاقان عباسي به صدر ٽرمپ جي ان بيان تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.
  • اسان جو خيال آهي ته دنيا اندر دهشت گردي توڙي مذهبي انتهاپسندي جو ذميوار خود ”آمريڪا“ ۽ پاڪستان سميت سندس ”اتحادي ملڪ“ رهيا آهن.
  • نائين اليون واري واقعي جي اوٽ ۾آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجا هڪڙا اقتداري، سياسي ۽ معاشي مفاد ماڻيا.
  • آمريڪا پاڻ سڄي دنيا سان هر دور ۾ ”ڪوڙ“ به ڳالهايو آهي ته ”ڌوڪو“ به ڏنو آهي. آمريڪا کي دهشت گردن کان ڪو خطرو ناهي، اهي دهشت گرد ان جا پنهنجا ئي پاليل آهن، آمريڪا دنيا جو محفوظ ترين ملڪ آهي.
  • ”پاڪستان“ جيئن آمريڪا جو اتحادي ملڪ رهيو آهي سو پاڪستان جي سمورين سياسي ۽ اقتداري توڙي پرڏيهي پاليسين جو ذميوار پڻ آمريڪا آهي. پاڪستان ته پاڻ آمريڪا جي ريموٽ ڪنٽرول تي هلندو رهيو آهي.
  • پاڪستان اندر جڏهن به غير جمهوري وارداتون ٿيون آهن، مارشل لائون لڳيون آهن، سي سڀ آمريڪا جي حڪم تحت ٿيون آهن.
  • آمريڪا کي جيئن ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پاڪستان جي ڪا خاص ضرورت نه رهي تنهن ڪري آمريڪا جو پاڪستان ڏانهن رويو پوءِ آهستي آهستي ”ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو“ وارو ظاهر ٿيندو ويو.
  • پاڪستان به ڪافي وقت کان آمريڪا جي ان ”منهن موڙ“ کي شدت سان محسوس ڪندو رهيو آهي ۽ ان جو اظهار به ڪندو رهيو آهي.
  • آمريڪا جي ان منهن موڙ ۽ ان جي ڀارت سان وڌندڙ دوستي کي ڏسندي پاڪستان به چين ۽ روس جي ويجهو ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي قبلو ڦيرائي ڇڏيو آهي.
  • حقيقت ته اها به آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان سٺو دور جيڪڏهن ڪو رهيو آهي ته اهو آمريڪا کان منهن موڙ ڪري چين ۽ روس جي ويجهو ٿيڻ وارو آهي.
  • آمريڪا جي موجوده رويي کان پوءِ پاڪستان لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته اهو آمريڪا سان دوستي ڦٽائي چين ۽ روس سان رکي.
  • پاڪستان کي هاڻي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته ان جي سياسي ۽ معاشي پاليسين جو ذميوار خود آمريڪا آهي ۽ آمريڪا جي اتحادي ملڪ هئڻ ڪري ان عوام کي جيڪا تڪليف رسائي آهي تنهن جي عوام کان معافي ورتي وڃي.
  • پاڪستان سامراجي ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪي عوام سان ڦٽايو آهي ۽ پنهنجن دشمنن کي ”سڄڻ“ ۽ سڄڻن کي ”غدار“ سمجهندو رهيو آهي.
  • هي رويو ڏسو ته پاڪستان ڀارتي جاسوس يعني دشمن ملڪ جي جاسوس کي ته پنهنجن گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏني آهي پر ملڪ مان کنڀيل پنهنجن سياسي ماڻهن سان سندن مائٽن کي ملائڻ لاءِ تيار ناهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان کي پنهنجا ”دشمن“ ۽ ”سڄڻ“سڃاڻڻ جي صلاحيت کي به هاڻي وڌائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صنعتي انقلاب تي وياج خور بينڪاري ۽ سرمائيداري معاشي بالادستي

پريم مٿراڻي آخري حصو: آمريڪي سرزمين تي يورپي قانونسازي وارو سياسي عمل ۽ سرمائيداري آمريڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے